Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
هڪ دفعي حضور غوثِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي مدرسي ۾ بيان ڪيو، ان دورانِ سندن فرمايو: اي مالدارو! جيڪڏھن دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي چاھيو ٿا ته پنهنجي مال جي ذريعي غريبن سان ھمدردي ڪريو! پوءِ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ حديث پاڪ بيان فرمائي: ([1]) اللہ پاڪ جي آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻھو اللہ پاڪ جو عيال (يعني ٻانها) آهن، اللہ پاڪ جو وڌيڪ پيارو اھو آھي جيڪو اللہ پاڪ جي عيال کي وڌيڪ فائدو پھچائڻ وارو آهي.([2])
هڪ پريشان حال غريب جي دِلجُوئي
ابو عبد اللہ محمد بن خضر حسيني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان روايت آھي ته هڪ ڏينھن سرڪار غوثِ اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي نظر هڪ پريشان حال فقير تي پئي، هڪ مسلمان کي ڏکَ ۽ غم ۾ مبتلا ڏسي حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بيتاب ٿي ويا ۽ کانئس پڇيائون: مَا شَاْنُکَ يعني توکي ڇا ٿيو آھي؟ فقير جواب ۾ عرض ڪيو: عالي جاھ! مون کي درياءِ دجله جي هُن پار وڃڻو آھي پر مون وٽِ پئسا نه آھن، ملاّح (يعني ٻيڙي هلائڻ وارو) ڪرائي کان سواءِ ٻيڙيءَ ۾ ويھارڻ لاءِ تيار نه آهي. ملاّح جي اهڙي رويي سبب منھنجي دل ٽٽي پئي آهي ۽ مان ان ڪري پريشان آهيان ته جيڪڏھن مون وٽ پئسا ھجن ھا ته مون کي ائين مايوس ٿيڻو نه پوي ھا.
راوي چوي ٿو ته اڃان فقير پنھنجي ڳالھ پُوري به نه ڪئي ھئي ته هڪ شخص بارگاههِ غوثيت ۾ حاضر ٿيو، هن غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ هڪ ٿيلهي نذراني طور پيش ڪئي، ان ٿيلهي ۾ 30 دينار (يعني سون جا سڪا) ھئا، غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اُهي 30 ئي دينار ان غريب کي ڏيندي