Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ جو جذبو ڏنو ويندو آهي. اسلامي ڀائر هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ قافلن ۾ سفر ڪندا رهندا آهن. سکڻ ۽ سيکارڻ جي جذبي سان گڏو گڏ قافلن ۾ الله وارن جو فيضان ملندو آهي، عبادت جو جذبو وڌندو آهي، نيڪ نمازي بڻجڻ جو ذهن بڻبو آهي.

توهان کي عرض آهي ته توهان به قافلي ۾ سفر ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون. قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي. سنتون سيکاريون وينديون آهن. تهجد پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيندو آهي. نيڪي جي دعوت کي پکيڙڻ جو موقعو ملندو آهي. قافلي جي برڪت سان دعائون پوريون ٿيڻ. مشڪلاتون ٽرڻ. بيمارين کان شفا ملڻ جا به ڪيئي واقعا آهن. اهو به ٿيو ته قافلي ۾ سفر ڪندڙ عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائي لاءِ، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ قافلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي ديدار ڪرايو.

اسان قافلي ۾ سفر ڪريون، ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي. هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪريو! بلڪ بهتر ٿيندو جو هيئنر ئي نيت لکرائي ڇڏيو! اچو ترغيب طور هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.

اکيون روشن ٿي ويون!

حيدرآباد (پاڪستان) ۾ دعوتِ اسلامي جي هڪ مبلغ هڪ نوجوان کي قافلي جي دعوت ڏني، جنهن تي هو ڪاوڙجي چوڻ لڳو ته ”اوهان ماڻهو ڪنهن جي پريشاني جو خيال به ڪيو. منهنجي والده جي اکين جو آپريشن ڊاڪٽرن غلط ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سندس اکين جي روشني هلي وئي آهي. اسان کي ايتري قدر پريشاني آهي ۽ اوهان چئو ٿا ته قافلي ۾ سفر ڪريو.“ مبلغ اسلامي ڀاءُ همدردي واري انداز ۾ دعا ڏيندي چيو ته ”الله پاڪ اوهان جي