Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

سورتون الڳ جمع ڪيون ويون آهن * مدني چينل تي هلڻ وارا تفسيرِ قرآن جا پروگرام ۽ ٻيا مختلف قرآني پروگرام به هن ايپليڪيشن جي ذريعي آسانيءَ سان ڏسي سگهو ٿا * ۽ ان سان گڏوگڏ قرآني آيتن، ترجمي ۽ تفسير کي واٽس ايپ (WhatsApp)، فيس بڪ (Facebook) وغيره تي پنهنجن دوستن سان شيئر به ڪري سگهو ٿا. هن ايپليڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو، عِلْمِ دين پاڻ به سکو ۽ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ڪمايو. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪجهه ضروري اعلانات

يارهين شريف جي هن مقدس اجتماع جي مناسبت سان مڪتبة المدينه شايع ڪيو آھي هڪ نهايت ئي ايمان افروز ۽ عشقِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي وڌائڻ وارو ڪتاب "غوثِ پاڪ جا حالات". هي ڪتاب غوثِ اعظم، حضور شيخ عبدالقادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرتِ مبارڪه تي مشتمل آھي. 

هن ڪتاب ۾ غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ننڍپڻ جا ايمان افروز واقعا، سندن مجاھدانه زندگي، زھد ۽ تقويٰ، دين جي لاءِ ڪيل خدمتون ۽ ڪيترين ئي ڪرامتن کي خوبصورت ۽ مؤثر انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه تان 100 روپين ۾ قيمتاً طلب ڪريو. 

* يارهين شريف جي مبارڪ موقعي تي رسالا تقسيم ڪري علمِ دين عام ڪريو، يارهين شريف جي نياز سان گڏوگڏ خوب رسالا تقسيم ڪريو. فيضان غوثيه پيڪيج مڪتبة المدينه جي بستي تان 200 روپين ۾ قيمتاً طلب ڪريو. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد