Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

حديث انهن بعد وارن کي ٻڌائي ته فرمايائون: کَاَنِّی اَنْظُرُ اِلَیْہِ الْآنَ یَقْطُرُ رَاسَہٗ مَاءٌ   ڄڻ ته مان حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسي رهيو آهيان، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي اچي رهيا آهن ۽ سندن مبارڪ زلفن مان پاڻي جا ڦُڙا ٽِمي رهيا آهن. ([1])

توهان ٻڌو ته! صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم ڪهڙي نه ڪمال انداز سان حديثون ٻڌائيندا هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مبارڪ ادائون پنهنجين دلين ۾ نقش ڪندا هئا، پوءِ هڪ هڪ لفظ ٻڌائيندي تَصَوُّرِ مصطفيٰ ۾ گم ٿي ويندا هئا. 

انهن ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شرف حاصل ڪيو هو، اهي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو تصور ڪندا هئا، اسان مدينو ڏٺو آهي، اسان کي گهرجي ته اسان مديني جو تصور ڪريون. اللہ پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. 

اے کاش تَصَوُّر میں مدینے کی گلی ہو                  اور یاد مُحَمَّد بھی مرے دِل میں بسی ہو

دو سوزِ بِلال آقا، ملے درد رضا سا                        سرکار عطا عشقِ اویس قرنی ہو

اے کاش! میں بن جاؤں مدینے کا مُسَافِر           پِھر روتی ہوئی طیبہ کو بارات کو چلی ہو([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

عاجزي اختيار ڪندا هئا

پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي پيارين پيارين ادائن مان هڪ پياري ادا اها به آهي ته پاڻ خود پسندي کان هميشه دور رهندا هئا، هميشه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر بڻيا رهندا هئا. ان حوالي سان هڪ ڏاڍو خوبصورت واقعو ڪتابن ۾ لکيل آهي. هڪ ڀيري ڪنهن نهايت قيمتي آئينو سندن خدمت ۾ پيش ڪيو. پاڻ  آئينو پنهنجي خادم جي حوالي ڪيو ۽


 

 



[1]... بخاری، کتاب مواقیت الصلاۃ، باب النوم قبل العشاء...الخ،صفحہ:208، حدیث:571 ۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:314۔