Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

فَلَا تُزَكُّوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-هُوَ اَعْلَمُ بِمَنِ اتَّقٰى۠(۳۲)

(پارو: 27، سورة النجم: 32)

ترجمو ڪنز العرفان: پوءِ توهان پاڻ پنهنجين جانين جي پاڪيزگي بيان نه ڪيو، اهو خوب ڄاڻي ٿو جيڪو پرهيزگار ٿيو.

هن آيتِ ڪريمه جي تحت مشھور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: هيءَ آيت انهن ماڻهن جي باري ۾ نازل ٿي جيڪي پنهنجين نيڪين تي فخر ڪندا ھئا ۽ فخر سان چوندا ھئا ته اسان جون نمازون اهڙيون آهن! اسان جا روزا ههڙا آهن! اسان اهڙا آهيون! ان (يعني اللہ پاڪ) جو ڄاڻڻ ئي ڪافي آھي، توهان پنهنجي تقوى ۽ طھارت جو اعلان ماڻهن ۾ ڇو ٿا ڪريو! مزي جي ڳالهه ته اِها آھي جو ٻانهو چوي: مان گنھگار آهيان ۽ رب چوي: هي پرهيزگار آھي! جيئن ابوبڪر صديق (رَضِیَ اللہُ عنہ). ([1]) 

الله پاڪ جو فضل نه هجي ها ته ...

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جيڪو ڪجهه به آهيون، اللہ پاڪ جي فضل سان آهيون، سندس احسان سان آهيون. اسان نمازي آهيون، ان ۾ اسان جو ڪو ڪمال نه آھي، ان ربَ ڪريم جو فضل آھي. اسان کي قرآن پاڪ جي تلاوت جي توفيق ملندي آهي، اهو به ان ربَ ڪريم جو فضل آھي. اسان کي صدقو يا خيرات ڪرڻ جي توفيق ملندي آهي، اِهو به اُن ربَ ڪريم جو فضل آھي. اسان جو چهرو پيارو آھي، ان جو فضل آھي. اسان پڙھيل لکيل آهيون، ان جو فضل آھي. جيڪو به آھي، اسان جو پنهنجو ڪو ڪمال نه آھي، سمورو ان ربَ ڪريم جو فضل آھي ۽ بس فضل آھي. قرآن ڪريم ۾ آھي: 

فَلَوْ لَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ وَ رَحْمَتُهٗ لَكُنْتُمْ مِّنَ الْخٰسِرِیْنَ(۶۴)

(پارو: 1، سورة البقرة: 64)

ترجمو ڪنز العرفان: ته جيڪڏھن توهان تي اللہ جو فضل ۽ ان جي رحمت نه ھجي ھا ته توهان نقصان کڻڻ وارن مان ٿي وڃو ھا.

   اللہ! اللہ! جيڪڏھن اللہ پاڪ جو فضل نه ھجي ھا ته اسان ڪٿي ھجون ھا...؟ ڇا ڪريون ھا؟


 

 



[1]...تفسیر نور العرفان، پارہ:27، سورۂ نجم، زیرِ آیت:32، صفحہ:841۔