Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اهي شان وارا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيڪي نظرِ ڪرم ڪن ته اِنابَت واري درجي تي پهچائي ڇڏين، اهي پاڻ ڪيڏي نه اعليٰ مرتبي وارا مُنِيۡب (يعني اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ وارا) هوندا. اللہ پاڪ فرمايو آهي: 

وَّ اتَّبِـعْ سَبِیْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّۚ-

(پارہ:21، سورۂ لقمان:15)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ منهجي طرف رجوع ڪرڻ واري انسان جي رستي تي هل.

يقيناً حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ وارا آهن، تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته سندن پياري پياري، نُورَ ڀَرِي سيرت مان روشني حاصل ڪريون ۽ سندن ادائون سکي، پنهنجي زندگي ۾ عملي طور انهن تي عمل ڪري، سٺا ۽ باڪردار مسلمان بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا رهون. اللہ پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. اچو ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون ڪجهه پياريون پياريون ادائون ٻڌون ٿا: 

محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو هَٿُ چُمِي ورتائون

تَفرِيحُ الخاطِر ۾ آهي ته هڪ ڀيرو حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مديني شريف ۾ حاضر ٿيا، 40 ڏينهن تائين روزانو مواجھه شريف تي (يعني پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چهري پاڪ جي سامهون) حاضر ٿيندا رهيا ۽ هٿ ٻڌي عرض ڪندا رهيا: 

ذَنُوبِیْ کَمَوْجِ الْبَحْرِ بَلْ ہِیَ اَکْثَر                                                                           کَمَثَلِ الْجِبَالِ الشَّمِ بَلْ ہِیَ اَکْبَر

وَ لٰکِنَّہَا عِنْدَ الْکَرِیْم اِذَا عَفَا                                                                                    جَنَاحٌ مِنَ الْبَعُوْضِ بَلْ هِيَ اَصْغَرُ

ترجمو: يا رسولَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا گناهه سمنڊ جي لهرن جيترا آهن، پر نه نه انهن کان به وڌيڪ آهن، وڏن وڏن جبلن کان به، وڏا آهن، پر نه نه انهن کان به وڌيڪ آهن، پر ڪريم جڏهن ڪَرَم فرمائيندو آهي ته انهن گناهن جي حيثيت مڇر جي پَرَ جيتري به نه رهندي آهي.