Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
وضاحت: يعني اي منهنجا آقا! شهنشاهِه بغداد، اوهان اهڙي شان وارا غوث آهيو جو هرهڪ غوث اوهان جو عاشق آهي. اوهان اهي ڪرم جا ڪڪرَ آهيو جو ٻين کي فيض ڏيڻ وارا اوهان جا محتاج آهن. اڳين ولين جا شانَ تمام گهڻا بلند ٿيا پر هڪ خاص وقت تائين! پر اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! توهان جي شان جو سِجُ هميشه روشن رهندو.
الله وارَن جي پيروِي ڪرڻ جو حڪم
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان پيرن جي پير، پير دستگير حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جون ڪجهه پياريون پياريون ادائون ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. انهن پيارين پيارين ادائن جي اهميت ڇا آهي، اهو اسان قرآن ڪريم جي روشني ۾ سکنداسين. اللہ پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمايو آهي:
وَّ اتَّبِـعْ سَبِیْلَ مَنْ اَنَابَ اِلَیَّۚ-
(پارہ:21، سورۂ لقمان:15)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ منهجي طرف رجوع ڪرڻ واري
انسان جي رستي تي هل.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ اسان کي انهن جي رستي تي هلڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جيڪي اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ وارا يعني اللہ پاڪ جي انتهائي فرمانبرداري ڪرڻ وارا آهن.
* يقيناً هن دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ واري هستي اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن * انهن کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان صحابهءِ ڪِرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم به اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ وارا آهن * اولياءِ ڪِرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْهم به اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ وارا آهن * حضور غوث پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به بيشڪ اللہ پاڪ جي طرف رجوع ڪرڻ وارا آهن بلڪ لکين ماڻهن کي اللہ پاڪ جي بارگاهه تائين پهچائڻ وارا آهن.