Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
شيطان ڪھڙي نه عجيب انداز سان وارُ ڪيو، غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سمجهي ويا ته هي لعنتي شيطان آھي. پوءِ اھو بدبخت ويندي ويندي به وارُ ڪرڻ کان نه مُڙِيو، ويندي ويندي به چئي رهيو هو: اي عبدالقادر! توکي تنھنجي علم بچائي ورتو. غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جيئن ته پنهنجو پاڻ تي نظر نه رکندا ھئا، خود پسنديءَ ۾ مبتلا نه ٿيندا ھئا، تنھنڪري هنن شيطان جو اِهو وارُ به ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ فرمايائون: اي مردود! مون کي منھنجي علم نه پر اللہ پاڪ جي فضل بچايو آھي. اهڙو انداز اسان کي به اپنائڻ گھرجي. جيڪڏهن اسان خود پسنديءَ ۾ مبتلا ٿي وياسين ۽ ائين سمجهڻ لڳاسين ته * مان نمازي آهيان * مان حاجي آهيان * مان قاري آهيان * مان پڙھيل لکيل آهيان * مان صاحبِ علم آهيان * مان فلاڻو آهيان. جيڪڏهن ان ”مان مان“ ۾ پئجي وياسين ته پوءِ سمجھو ته اسان جا ڪم لَهِي ويا.
ٽي شيون هلاڪت ۾ وجھڻ واريون آهن: (1): بُخل جنھن جي پيروي ڪئي وڃي (2): نفساني خواھش جنھن جي اطاعت ڪئي وڃي ۽ (3): انسان جو پاڻ کي سٺو سمجھڻ. ([1])
اللہ پاڪ اسان کي هلاڪت کان محفوظ فرمائي. خود پسندي ۽ ٻين باطني بيمارين کان نجات نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .
غوث پاڪ جون وڌيڪ پياريون ادائون
پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي پيارين پيارين ادائن ۾ هي به آهي ته * پاڻ تمام اعليٰ مرتبي وارا هئڻ جي باوجود ٻارن سان گڏ ويھندا ھئا، غريبن ۽ فقيرن سان گڏ ويھڻ ۾ شرم محسوس نه ڪندا ھئا * ماڻهن کي نيڪ صَلاحُون ڏيندا ھئا * نيڪوڪار هجي يا بدڪار، سڀني کي عزت ڏيندا ھئا، کين پنهنجي بارگاهه ۾ ويھاريندا ھئا. هڪ دفعو