Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

والده کي شفا عطا فرمائي. ڊاڪٽر ڇا پيا چون؟هن چيو ته ”ڊاڪٽر چون ٿا ته هاڻي آمريڪا به وٺي ويندؤ ته به علاج ممڪن ناهي.“ اهو چوندي هو ڏاڍو غمگين ٿي ويو. مبلغ وڏي محبت سان سندس پٺي تي هٿ ڦيرائيندي ۽ تسلي ڏيندي چيو ته ”ڀاءُ! ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو آهي ان تي مايوس ڇو ٿا ٿيو؟ الله پاڪ شفا عطا فرمائڻ وارو آهي. مسافر جي دعا الله پاڪ قبول فرمائيندو آهي. اوهان قافلي ۾ سفر ڪريو ۽ ان دوران والده لاءِ دعا به گهرو.“ مبلغ اسلامي ڀاءُ جي دلجوئي واري گفتگو جي نتيجي ۾ غمگين نوجوان قافلي ۾ سفر ڪيو. سفر دوران والده لاءِ گهڻيون دعائون گهريائين. جڏهن گهر موٽيو ته اهو ڏسي سندس خوشي جي انتها نه رهي ته قافلي جي برڪت سان سندس والده جي اکين جي روشني واپس اچي چڪي هئي.

لُوٹنے رَحْمتیں قافلے میں چلو                              سیکھنے سنَّتیں قافلے میں چلو

چشمِ بینا ملے سُکھ سے جینا ملے                               پاؤ گئے راحتیں قافلے میں چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

صراط الجنان ايپليڪيشن جو تعارف

اي عاشقانِ رسول! الحمد للہ! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به عِلْمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي  I.Tڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Sirat ul Jinan Quran & Tafseer (صراط الجنان، قرآن اينڊ تفسير). هن ايپليڪيشن ۾* مڪمل قرآن ڪريم * اعليٰ حضرت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جو لکيل ترجمهءِ قرآن ڪنزالايمان * موجوده دور جي ضرورتن مطابق نهايت ئي آسان ترجمهءِ قرآن، ترجمو ڪنزالعرفان ۽ * آسان انداز ۾ لکيل، تفسير صراط الجنان شامل آهي. * قرآن ڪريم ترجمي ۽ تفسير سان آڊيو ۾ به ٻڌي سگهو ٿا * عام طور تي روزانو تلاوت ڪيون وڃڻ واريون