Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

ھا، جيڪڏھن ڪا مجبوري ھجي، ڪڏھن ڪڏهن ماڻھو ٿڪيل ھوندو آھي يا ڪنھن ضروري ڪم ۾ مصروف ھوندو آھي ته اھڙي حالت ۾ ٻئي کي چوڻ ٻي ڳالھ آھي، آساني جي عادت ئي اختيار ڪري ڇڏڻ، اھا تمام خراب ڳالھ آھي. پنهنجا ڪم پنهنجن ھٿن سان ڪرڻ ۾ برڪت ٿيندي آهي ۽ گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ، ضرورت پوڻ تي ٿانوَ ڌوئڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۾، گھر وارن جي مدد ڪرڻ، ڪڏھن ڪڏهن ٻارن جي ماءُ بيمار ھجي ته گھر جي صفائي وغيره ڪرڻ، کاڌو تيار ڪرڻ وغيره انھن ڳالھين کي ته ماڻھو معاذ اللہ! زال جي غلامي سمجهندا آهن. 

پيارا ڀاءُ! اهو ته نبوي طريقو آھي. آخر گھر وارا به انسان آهن، انھن جو ڪم ڪار ۾ ھٿ اسان نه ونڊائينداسين ته ٻيو ڪير ونڊائيندو. حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا کان ڪنھن پڇيو ھو ته محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گھر ۾ ڇا ڪندا ھئا؟ فرمايائون: كَانَ فِي مِهْنَةِ اَهْلِهِ يعني محبوبِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (امامُ الانبياء ھئڻ جي باوجود) جڏھن گھر ۾ تشريف فرما هوندا ھئا ته گھر وارن جو ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائيندا ھئا. ([1]) 

خير! ھِي نبوي طريقا آهن، اسان کي اپنائڻ گھرجن! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل کي سڪون به ملندو ۽ گھر ۾ امن به قائم ٿيندو. 

غوثِ پاڪ جي شاگردن تي شفقت

پيارا اسلامي ڀائرو! حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي پيارين پيارين ادائن ۾ هڪ پياري ادا اھا به آھي ته پاڻ تمام گهڻا سخي ھئا، خاص طور تي غريبن ۽ شاگردن تي تمام گهڻي شفقت فرمائيندا ھئا، سندن مدرسي ۾ جيڪي شاگرد پڙھڻ ايندا ھئا، جيڪڏھن انهن مان ڪنھن وٽ ڪتابَ يا قلم وغيره نه ھوندو ھو ته ان کي ڪتابَ وٺي ڏيندا ھئا، قلم عطا ڪندا ھئا ۽ شاگردن کي کاڌو به کارائيندا ھئا. ([2])


 

 



[1]... بخاری، کتاب النفقات، باب خدمۃ الرجل فی اہلہ، صفحہ:1375، حدیث:5363۔

[2]...غوث پاک کی مجاہدانہ زندگی ، جلد:1، صفحہ:305 مفصلاً۔