Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
* مهارُون مضبوط ڪندو آهي * نظر تيز ڪندو آهي * بلغم ختم ڪندو آهي * وات جي بدبوءِ ختم ڪندو آهي * سنت جي موافق آھي * مسواڪ ڪرڻ واري کان ملائڪ خوش ٿيندا آهن * مسواڪ ڪرڻ سان ربُ راضي ٿيندو آهي * مسواڪ نيڪي وڌائيندو آهي ۽ معدي کي درست ڪندو آهي مسواڪ ساڄي ھٿ ۾ اهڙي نموني پڪڙيو جو ننڍي آڱر يعني چِيچَ ان جي ھيٺان ۽ وچيون ٽي آڱريون مٿان ۽ آنڱوٺو چوٽيءَ تي ھجي. ڏندڻ جڏھن استعمال جي قابل نه رهي ته ان کي اڇلايو نه، ڇاڪاڻ ته اھو سنت ادا ڪرڻ جو ذريعو آھي، احتياط سان ڪنھن جاءِ تي دفن ڪري ڇڏيو يا پٿر وغيره وزن ٻڌي پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيو. ([1])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل بهارِ شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد ڪريو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.
جو ہیں وَقف، سنّت کی خدمت کی خاطر نہیںٍ حشر میں بخشوا غوثِ اعظم
سفر قافلے میں جو کرتے ہیں ہر ماہ انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم
جو دیں راہِ مولا میں بارہ مہینے انہیں حشر میں بخشوا غوثِ اعظم([2])
اللہ پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد