Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

اسان کي به ائين ڪرڻ گهرجي، هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکو ته هر نقصان جي اندر ڪا نه ڪا چڱائي موجود هوندي آهي. اسان کي گهرجي ته ان چڱائي کي نظر ۾ رکون.

هن جاءِ تي وِڇُون هجي ها ته ...؟

عاشقِ غوثِ پاڪ، امير اھلسنت هڪ دفعو ڪٿان گذري رهيا ھئا، اوچتو سندن پير ماکيءَ جي مک جي مٿان اچي ويو، ماکيءَ جي مک کين ڏنگ هنيو، پاڻ جلدي ۾ بيچين ٿي پير کنيائون ۽ ڏٺائون ته هيٺ ماکيءَ جي مک ريڙهيون پائي رهي آھي، هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي مارڻ جي لاءِ اڳتي وڌيو، پر امير اھلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو، ۽ فرمايو: ھن ويچاريءَ جو ڪهڙو ڏوهه، ڏوهه ته منھنجو آھي جو مان ان تي پير رکيو. وڌيڪ فرمايائون: ھي ته شڪر جو مقام آھي، جيڪڏھن ماکيءَ جي مک جي جاءِ تي وِڇُون ھجي ھا ۽ اهو مون کي ڏنگ هڻي ھا ته  پوءِ  ڇا ٿئي ھا...؟ 

سُبْحٰنَ اللہ! هن کي چئبو آهي نقصان ۾ به چڱائيءَ کي نظر ۾ رکڻ. اسان کي گھرجي ته غصي ۾ اچڻ بدران، غلط جملا زبان تي آڻڻ بدران، نقصان ٿيڻ تي به چڱائيءَ ڏانهن نظر ڪندا رھون. 

مقدر ۾ ڪجهه ٻيو هجي ها ته ...

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ پياري ادا ٻڌو! حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا: مان 10 سالن تائين پياري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ڪئي، ڪڏھن ڪڏهن منھنجي ھٿان ڪم خراب به ٿي ويندا ھئا، پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به مون کي ملامت نه ڪئي (يعني دڙڪا وغيره نه ڏنائون)، جيڪڏھن سندن گھر وارن مان ڪو مون کي ڪجھ چوندو ھو ته پاڻ فرمائيندا ھئا: دَعُوْہُ فَاِنَّہٗ لَوْ قُضِیَ شَیْءٌ کَانَ يعني