Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain
فرمايو: هي سمورا دينار ملاّح کي ڏجان ۽ کيس چئجان ته هُو اڳتي ڪنھن به غريب کي درياءَ جي پار وٺي وڃڻ کان انڪار نه ڪري. ([1])
اسیروں کے مشکل کشا غوثِ اعظم! فقیروں کے حاجت روا غوثِ اعظم!
گِھرا ہے بلاؤں میں بندہ تمہارا مدد کے لیے آؤ یاغوثِ اعظم!
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيڏا نه سخي آهن، هڪ غريب جي مِسڪِيني واري حالت ڏسي، فوراً ان جي مدد فرمايائون. اسان کي به گھرجي ته سخاوت اختيار ڪريون. اللہ پاڪ اسان کي جيترو عطا فرمايو آھي، ان مان جيترو آسان ٿي سگھي، ڪجھ نه ڪجھ حصو صدقي ۽ خيرات لاءِ به ضرور ڪڍون، سخاوت ڪريون ۽ وڌيڪ هي به عرض ٿو ڪريان ته سخي ٿيڻ جي لاءِ وڏي الماري( ٽِجوڙِي) نه، پر وڏي دل جي ضرورت آھي. ڪيترائي ماڻھو آهن، جن جون ٽِجوڙِيون ته وڏيون آهن پر سندن دل ننڍڙي آهي، تنھنڪري مال جيتوڻيڪ گھٽ هجي، پر دل وڏي رکو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سخاوت جي دولت نصيب ٿيندي. ان جون فضيلتون ڪهڙيون آهن؟ اچو ته ٻڌون ٿا! * حديث پاڪ ۾ آھي: سخاوت جنت جي وڻن مان هڪ وڻ آھي، جنھن جون ٽاريون زمين ڏانھن جھڪيل آهن، جيڪو انھن مان ڪنهن هڪ به ٽاريءَ کي پڪڙيندو آهي، اھا ٽاري کيس جنت ۾ وٺي ويندي آهي.([2]) * محبوبِ خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: سخيءَ جي غلطيءَ کي معاف ڪريو، ڇاڪاڻ ته جڏھن به هو غلطي ڪندو آهي ته اللہ پاڪ سندس ھٿ پڪڙي وٺندو آهي.([3]) (يعني اللہ پاڪ ان جو مددگار ٿيندو آهي جو ان کي هلاڪت ۾ پوڻ کان بچائيندو آهي).([4]) * هڪ روايت ۾ آھي: جنت سخين جو گھر آھي.([5]) * فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: سخي اللہ پاڪ جي ويجهو آھي،