Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنت جي فضيلت ۽ ڪجهه آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شھنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنھن منھنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنھن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ ھوندو. ([1]) 

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                  جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

مسواڪ ( ڏَندَڻ) ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جا ٻه فرمانَ: (1):  2 رڪعتون مسواڪ ڪري پڙھڻ بغير مسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آھي. ([2]) (2): مسواڪ جو استعمال پنهنجي لاءِ لازمي ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اِهو واتَ جي صفائي ۽ اللہ پاڪ جي رضا جو سبب آھي. ([3]) 

اي عاشقانِ رسول! * حضور نبيِ پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هر رات بار بار ڏندڻ ڏيندا ھئا، هر ڀيري سمهڻ وقت به ۽ ننڊ مان جاڳڻ وقت به بغير سٺي نيت جي مسواڪ ڪرڻ سان طبي فائدا (Medical Benefits) ته حاصل ٿيندا پر ثواب نه ملندو، مثال طور جيڪڏهن وضوءَ جي لاءِ ڏندڻ ڏيڻو آھي ته هن طرح ٽي نيتون ڪريو: الله پاڪ جي رضا، سنت جي ادائيگي ۽ ذڪر و درود جي لاءِ وات کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ جي ارادي سان مسواڪ ڪندس. مشائخِ ڪرام فرمائن ٿا: جيڪو شخص مسواڪ جو عادي ھوندو، موت جي وقت کيس ڪلمو پڙھڻ نصيب ٿيندو. حضرت عبدالله ابن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان روايت آھي ته ڏندڻ ڏيڻ ۾ 10 فائدا آهن: * وات کي صاف ڪندو آهي    


 

 



[1]...تاریخ ِ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]... مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:265، حدیث:3236۔

[3]... مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:438، حدیث:5869۔