Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

ڏينهن جو فاصلو رهجي ويو ته مون هڪ جڳهه کاڌو پچايو، انهيءَ دوران ٻارڻ ختم ٿي ويو، مان ڪاٺيون ڪرڻ ويس ته تو ديڳڙيءَ کي ڇڪيو ۽ اها ديڳڙي تنهنجي مٿان ڪري پئي ۽ تنهنجي ٻانهن سڙي پئي، مون توکي وٺي شفيق ۽ ڪريم آقا، رحمدل ۽ رحيم آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، اهو ڏسي ڪري پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تنهنجي ٻانهن تي لُعابِ دہن مبارڪ وڌو ۽ ڪجھ پڙهي ڪري دم ڪيو، مان توکي کڻي آيس ته تنهنجو هٿ بلڪل تندرست هيو۔   (ابن حبان، کتاب الجنائز، باب المريض۔۔الخ، ۴/۲۷۳، حدیث:۲۹۶۶)

عرشِ حق ہے مسندِ رِفْعت رَسُولُ اللہ کی                      دیکھنی ہے حشر میں عزت رَسُولُاللہ کی

قبر میں لہرائیں گے تاحشر چشمے نور کے                      جلوہ فرما ہوگی جب طلعت رَسُولُاللہ کی

لَاوَرَبِّ الْعَرْش جس کو جو مِلا اُن سے ملا                          بٹتی ہے کونین میں نعمت رَسُولُاللہ کی

(حدائقِ بخشش، ص۱۵۲)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                        صَلَّی اللّٰہُ  عَلٰی مُحَمَّد

(3) وڻ قدمن ۾

هڪ اعرابي (يعني عرب جو ڳوٺاڻو) رسولِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته يَارَسُوْلَاللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مان اسلام قبول ڪري چڪو آهيان، اوهان ڪا اهڙي نشاني ڏسيو جيڪا منهنجي يقين کي وڌائي ڇڏي۔ اهو ٻڌي محبوبِ ڪبريا، بادشاھِ ارض و سما صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڇا ڏسڻ چاهين ٿو؟ عرض ڪيو توهان هن وڻ کي هيڏانهن سڏيو، ارشاد فرمايو: وڃ ۽ ان وڻ کي وڃي چئو ته توکي الله پاڪ جو رسول سڏي ٿو، جيئن ئي اها ڳالهه اعرابي وڻ کي چئي، اهو هڪ طرف جھڪيو ۽ پوءِ ساڄي کاٻي اڳتي پوئتي مُڙي ڪري ان پنهنجون پاڙون ٽوڙيون ۽ پاڙون گِهۡليندو زمين چيريندو حاضر ٿي ويو ۽ رَسُولُاللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون بيهي ڪري عرض ڪرڻ لڳو اَلسَّلامُ عَليْکَ يَارَسُوْلَاللہ۔ اهو ڏسي ڪري ان اعرابي چيو: يَارَسُوْلَاللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بس اهو