Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
مون کان سوال ڪر مان توکي انهن جا جواب ڏيندس ان عرض ڪيو: يا رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! نه اوهان پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏيو ته مان اوهان کان ڇا پڇڻ جي لاءِ حاضر ٿيو آهيان؟ ارشاد فرمايائون: تون مون کان اِهو پڇڻ جي لاءِ آيو آهين ته جڏهن حاجي پنهنجي گھر کان نڪرندو آهي ته انهيءَ لاءِ ڇا ثواب آهي؟ ۽ جڏهن اهو عرفات ۾ بيهندو آهي ته انهيءَ لاءِ ڇا ثواب آهي؟ ۽ جڏهن هو جِمار جي رمي ڪندو آهي ته انهيءَ لاءِ ڇا ثواب آهي؟ ۽ جڏهن اهو پنهنجو مٿو ڪوڙائيندو آهي ته انهيءَ لاءِ ڇا ثواب آهي؟ ۽ جڏهن اهو حج جو آخري طواف پورو ڪري ڇڏيندو آهي ته اُن کي ڪيترو ثواب ملندو آهي؟
اهو ٻڌي ڪري انصاري صحابي عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ! ان ذاتِ مقدس جو قسم! جنهن اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي حق ساڻ موڪليو! اوهان منهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ڪا به خطا نه ڪئي. پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي به انهن ڳالهين جا جوابَ ارشاد فرمايا۔ (ابن حبان، کتاب الصلاۃ ، باب وصف بعض الصلاۃ ، ۳/۱۸۱، حديث:۱۸۸۴)
اور کوئی غیب کیا تم سے نہاں ہو بھلا
جب نہ خدا ہی چھپا تم پہ کروڑوں درود
(حدائقِ بخشش، ص۲۶۴)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا: جيئن ته حضرت ابوہريرہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مون کي رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رمضان جي فطري جي حفاظت تي مقرر فرمايو۔ ته هڪ شخص آيو ۽ ڪڻڪ مان لپ (مٺ) ڀرڻ لڳو، مون ان کي پڪڙي ورتو ۽ چيو مان توکي رَسُولُ اللہ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ وٺي هلندس۔ هو چوڻ لڳو مان محتاج آهيان منهنجا ٻار ٻچا آهن ۽ مون کي سخت حاجت آهي حضرت ابوہريرہ فرمائن ٿا: مون ان کي ڇڏي ڏنو۔ جڏهن صبح ٿيو ته