Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
(المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً) اڄ جي دور جا جيڪي تقاضا آهن اهي ڪنهن کان ڍڪيل ڇپيل ناهن. انهيءَ لاءِ دين جي ڪمن ۾ پنهنجي صدقات (چندي/فنڊ) سان تعاون فرمايو۔ اِنْ شَآءَ اللہ توهان جو ڏنل صدقو دُنيا ۽ آخرت ۾ گھڻي فائدي جو باعث هوندو.
اِمامِ اہلسنّت، مجدّدِدِين و ملّت امام احمدرضاخان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فتاويٰ رضويہ جلد23،صفحي 152 تي صدقي جي فضائلن تي احاديثِ طيبّه مان حاصل شدہ جيڪي فائدا ذڪر ڪيا آهن، انهن مان چند هي به آهن: * اللہ پاڪ جي حڪم سان (صدقي ڏيڻ وارا) بُري موت کان بچندا، (صدقي ڏيڻ وارن لاءِ) ستّر دروازا بُري موت جا بند هوندا۔ * انهن (يعني صدقو ڏيڻ وارن) جون عُمرون زيادہ ٿينديون۔ * (صدقو ڏيڻ وارن وٽ)رزق جي وُسعت، مال جي ڪثرت ٿيندي،* (۽ صدقو ڏيڻ وارا) صدقو ڏيڻ جي عادت سان ڪڏهن محتاج نه ٿيندا. * (صدقو ڏيڻ وارا)خير و برڪت ماڻيندا۔ * (صدقو ڏيڻ وارن کان)آفتون بلائون پري ٿينديون، * (صدقو ڏيڻ وارن کان) بُري قضا ٽري ويندي، * (صدقو ڏيڻ وارن کان) ستر(70) دروازا بُرائي جا بند هوندا، * ( صدقو ڏيڻ وارن کان) ستر(70) قِسْم جي بلادُور ٿيندي۔ * (صدقو ڏيڻ وارن سان گڏ) مددِ الٰهي شامل هوندي۔ * رحمتِ الٰهي انهن (يعني صدقو ڏيڻ وارن)جي لاءِ واجب هوندي۔ * ملائڪ اُنهن (صدقو ڏيڻ وارن) تي دُرود موڪليندا۔
ان کان علاوه به گھڻائي ديني ۽ دنياوي فائدا آهن، جيڪي صدقو ڏيڻ سان حاصل ٿيندا آهن، لہٰذا توهان پاڻ به ٽيلي ٿون مهم ۾ ضرور تعاون ڪيو، پنهنجي مرحومَن جي ايصال ثواب لاءِ انهيءَ ۾ يونٽ جمع ڪرايو، زياده نه ٿئي ته هر گھر جي هر فرد جي طرفان ڪم از ڪم هڪ يونٽ ته ضرور جمع ڪرايو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔ يونٽ جمع ڪرڻ جو پنهنجو ڪو هدف بڻائي هاڻي سان انهيءَ لاءِ رابطو شروع ڪري ڇڏيو۔ اللہ پاڪ اسان کي دين جي ڪمن ۾ دِل کولي خرچ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
صَلُّو ْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پنهنجي شہر /ڪابينه ۾ ٿيڻ واري جلوسِ مِيلاد جي وقت ۽ مقام جو اعلان ڪيو وڃي.