Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
میں پانچوں نمازیں پڑھوں با جماعت
ہو توفیق ایسی عطا یااِلٰہی
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اچو! اڄ جي هن مقدس رات ۾ عہد ڪيون ته اڄ کان پوءِ منهنجي ڪابه نماز قضا نه ٿيندي۔ اِنْ شَآءَ اللہ
اي عاشقانِ رسول! هاڻي هن رات جي مناسبت سان آمدِ مصطفيٰ جو به ڪجھ ذڪر ڪيون ٿا. سڀ کان پهريان آمدِ مصطفيٰ جو هڪ عجيب ۽ غريب واقعو ٻڌون ٿا.
مخزوم بن ہاني مخزومي جا والد جيڪي 150 سال تائين جيئرا رهيا، اهي حڪايت بيان ڪن ٿا ته سرور انبياء، محبوبِ خدا صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي رات ساساني خاندان جي مشہور بادشاہ ڪسريٰ جو محل هڪ زلزلي سان ہِلڻ لڳو ۽ ان جا چوڏہن (14) ڪنگرا ٽٽي ڪري زمين تي ڪري پيا۔ فارس جي ہزار سالن کان ٻرندڙ باهه يڪدم وِسامي وئي، بحيره سَاوَہ جو پاڻي خشڪ ٿي ويو ۽ ڪسريٰ هڪ پريشان ڪندڙ خواب ڏٺو، جنهن کي هن پنهنجي قاضي جي سامهون بيان ڪيو، ان ڏٺو ته سرڪش اُٺن جي پويان تيز رفتار عربي گھوڙا آهن جيڪي دجله درياء کي پار ڪري سندس ملڪ ۾ پکڙجي ويا آهن. ان خواب ڪسريٰ ۽ ٻين ڪيئي ماڻهن کي سخت پريشاني ۾ وجھي ڇڏيو، ته ڪسريٰ جي نائب نعمان بن مُنْذِر، عبدُ المسيح غسقاني کي سَطيح ڪاهن (يعني پيشنگوئي ڪندڙ) ڏانهن موڪليو، ته جيئن هن عظيم معاملي جي متعلق معلومات حاصل ڪري. سَطيح ڪاهن شام ملڪ ۾ رهندو هيو ۽ پيشنگوئي ۾ وڏي شهرت جو مالڪ هيو۔ جڏهن عبدُالمسيح ان جي ويجھو