Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
(1)جڏهن اچي ويون آهن جوشِ رحمت تي اُن جون اکيون
حضرت سيِّدُنا شيبہ بن عثمان رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پنهنجي ايمان آڻڻ جو واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا ته جڏهن نبي ڪريم (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) غزوہ حُنَيْن ۾ شريڪ ٿيا ته مون کي خيال آيو ته منهنجي والد ۽ چاچي کي حضرت علي ۽ حضرت حمزہ (رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُما) قتل ڪري ڇڏيو هيو، ڇو نه اڄ مان انهن کان بدلو وٺندي، انهن جي نبيءَ (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي شهيد ڪري ڇڏيان، انهيءَ ارادي سان مان حضور
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجھو ٿيس ۽ مان حملو ڪرڻ وارو هيس ته باهه جو شعلو (Flame)بجلي جيان منهنجي طرف وڌيو، جنهن سان خوف زدہ ٿي ڪري مان پوئتي ڀڳس، ايتري ۾ رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نَظرِ ڪرم مون تي پئجي وئي ۽ فرمايو: اي شيبه! پوءِ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو هٿ مبارڪ منهنجي سيني تي رکيو ته اللہ پاڪ شيطان کي منهنجي دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ مان حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چہرہءِ اقدس جي طرف نظر کنئي ته حضورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي پنهنجي سماعت ۽ بصارت (يعني ٻڌڻ ۽ ڏسڻ) کان به وڌيڪ محبوب لڳڻ لڳا. (دلائل النبوۃ لابي نعيم ، ۱/۱۱۲،رقم: ۱۴۴)
جس طرف اُٹھ گئی دَم میں دَم آ گیا
اُس نگاہِ عنایت پہ لاکھوں سلام
(حدائقِ بخشش، ص۳۰۰)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ مصطفيٰ! اسان جي اک هن ڳالهه جي محتاج آهي ته جيڪا شيءِ ان جي سامهون هجي اها صرف انهيءَ کي ڏسي سگھي ٿي جڏهن ته اسان جي پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون اکيون اهڙيون هيون جو جيڪا شيءِ لڪيل هوندي هئي ۽ ڪنهن تي ظاهر نه ٿيندي هئي، اهي مبارڪ