Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
اکيون ان کي به ڏسي وٺنديون هيون. ايسيتائين جو دلين جا خيال جن تائين ڪنهن جي به پهچ ناهي هوندي نگاھِ مصطفيٰ کان دلين جا حال به لڪيل نه رهندا ها: جيئن ته
(2)سيني جا راز نگاههِ مصطفيٰ ۾
حضرتِ سيدنا ابنِ عمر رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا ته هڪ انصاري صحابي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَرْوَر، ٻنهي جہانن جي تاجْوَر، صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيو: يارسو الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان کان ڪجھ ڳالهيون پڇڻ چاهيان ٿو۔ پاڻ فرمايو: ويهو. پوءِ ثقيف قبيلي مان هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين: حضور! مان اوهان کان ڪجھ ڳالهيون پڇڻ چاهيان ٿو. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: انصاري توکان پهريان آيو آهي۔ انصاري صحابي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: حضور! هي هڪ مسافر آهي ۽ مسافر جو حق وڌيڪ ہوندو آهي، لہٰذا اوهان پهريان انهن جي سوالن جا جوابَ ارشاد فرمايو۔ ته رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان ثقفي جي طرف متوجهه ٿيا ۽ فرمايائون: جيڪڏهن تون چاهين ته مان توکي ٻڌايان ته تون مون کان ڇا پڇڻ آيو آهين ۽ جيڪڏهن تون چاهين ته سوال ڪر مان انهن جا جواب ڏيندس؟ ان عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان جن سوالن جي لاءِ حاضر ٿيو آهيان، مون کي انهن جا جوابَ ارشاد فرمايو۔ فرمايائون: تون مون کان رڪوع، سجود، نماز ۽ روزي جي باري ۾ سوالَ ڪرڻ آيو آهين. ان شخص عرض ڪيو: ان ذاتِ مقدس جو قسم! جنهن اوهان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي حق سان گڏ موڪليو آهي! اوهان منهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ذري برابر به خطا نه ڪئي. پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن جا جوابَ به عطا فرمايا۔ پوءِ هو ثقفي صحابي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ اٿي هليا ويا۔
ان کان بعد نبي ڪريم، صاحبِ خُلْقِ عظيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انصاري صحابي ڏانهن متوجهه ٿيا ۽ انهن کي فرمايائون: جيڪڏهن تون چاهين ته مان توکي به ٻڌايان ته تون مونسان ڪهڙا سوال ڪرڻ جي لاءِ آيو آهين ۽ جيڪڏهن چاهين ته