Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

اللہ پاڪ جو قسم! اسان کي انهيءَ کان سواء ڪنهن ٻي شيءِ ناهي ويهاريو، ته پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مون وٽ جبرئيل عَلَيۡهِ السَّلام آيو ۽ ان مون کي ٻڌايو ته اللہ پاڪ توهان جي وجهه سان فرشتن تي فخر ڪري رهيو آهي۔ (نسائي،کتاب آداب القضاة، باب ڪيف يتحلف الحاڪم، ص۸۶۱، حديث: ۵۴۳۶)

هن حديثِ پاڪ جي جي حوالي سان مُفتي احمديارخان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: معلوم ٿيو ته اسلام ۽ حضورِانور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جي شڪريي جي لاءِ مجلسون (محفلون) ڪرڻ، حلقا بڻائي ويهڻ سُنَّتِ صحابه آهي، هيءَ حديث مجلسِ ميلاد شريف جو اصل آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۳/۳۲۱)

پيارا اسلامي ڀائرو! مِيلاد جي اجتماع ۾ حُضُور پُرنُور، شافِعِ يَوْمُ النُّشُور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادَتِ پاڪ، رَضاعَتِ مُبارَڪه ۽ننڍپڻ شريف جا واقعات بيان ڪرڻ، انهيءَ لاءِ محفلِ نعت مُنْعَقِد ڪرڻ، ماڻهن کي جَمْع ڪرڻ، وِلادَتِ مُصْطَفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُوشيءَ ۾ ماڻهن کي کاڌو کارائڻ جائز آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلهِ مسلمان هن مبارڪ مهيني ۾ جَشنِ وِلادت جي خُوشي ملهائيندا آهن، مسجِدن، گھرن، دُڪانن ۽ سوارين تي پڻ پنهنجي مَحَلّي ۾ به مدَني پرچم(جھنڊا)  لڳائيندا آهن، خُوب چَراغان ڪندا آهن۔ ربيعُ الاوّل شريف جي ٻارهين رات حُصُولِ ثواب جي نيت سان محفلِ نعت ۾ شرڪت ڪندا آهن، صُبحِ صادِق جي وَقْت مدني جھنڊا کڻي دُرُود و سلام پڙهندي اَشڪبار اکين سان گڏ صُبحِ بہاران جو اِسْتِقبال ڪندا آهن، 12ربيعُ الاول شريف جي ڏينهن روزو رکي ڪري ميلاد جي جُلوسن ۾ شريڪ ٿيندا آهن، ميلاد شريف ملهائڻ وارن اهڙن عاشقانِ رسول کان ته پيارا آقا صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خُوش ٿيندا آهن. جيئن ته

اسان به ان سان خوش ٿيندا آهيون

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اَلْحَمْدُلِلّٰه! مون کي خواب ۾  تاجدارِ رِسالت صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زِيارت جو شرف حاصل ٿيو، ته مون سرڪار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاہ ۾ عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ  صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اوهان کي مسلمانن