Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
هدايت جي دعا فرمايو، اهو ٻُڌي ڪري اُمّت تي مہربان، ٻنهي جهانن جي سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي زبانِ حق ترجمان سان هيئن دعا ڪئي۔ اللّٰھُمَّ اھْدِ اُمَّ اَبِيۡ ھُرَيۡرَةَ يعني يااللہ! ابوہريرہ جي امڙ کي ہدايت عطا فرما. هيءَ دعا ٻڌي ڪري مان خوشيءَ مان واپس ڊوڙيس ۽ جڏهن مان دروازي تي پهتس ته دروازو بند هيو، جڏهن منهنجي والدہ منهنجي پيرن جي آهٽ ٻُڌي ته زور سان فرمايو: ابوهريره بيهي رهه! جڏهن مان بيهي رهيس ته مان پاڻي ڪرڻ جو آواز ٻڌو، مان سمجهي ويس ته والدہ غسل ڪري رهي آهي، انهن غسل ڪري جلدي دروازو کولي ڪري چيو: اي ابوہريره شاهد ٿي وڃ ته ”اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدًا عَبْدُہ وَ رَسُولُہ“ هي ٻُڌي ڪري مان واپس خوشيءَ مان روئندو دربارِ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري قصو عرض ڪريو ته سرڪارصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اللہ پاڪ جي حمد بيان ڪئي ۽ فرمايو: تمام سٺو ٿيو۔
(مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه، باب من فضائل أبي هريرة ،ص۱۰۳۹، حدیث:۶۳۹۶)
(5) دعا فرمائي ته مال اولاد ۾ برڪت ٿي وئي
اچو! هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا: حضرت اُمِّ سُلَيم رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا پنهنجي پٽ حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کي وٺي دربارِ رسالت ۾ حاضر ٿيون، ۽ عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ هي منهنجو پٽ توهان جو خادم آهي، تنهنڪري هن جي لاءِ دعا فرمايو، ٻڌي ڪري حبيبِ مڪرم، شفيعِ مُعظّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا فرمائي: اللّٰھُمَّ اَکْثِرْ مالَہ وَوَلَدَہ وَبارِکْ لَہ فِيۡمَا اَعْطَيۡتَہ يعني يااللہ!انس جي مال ۾ اضافو فرماءِ ۽ ان جي اولاد وڌيڪ ڪر ۽ جيڪو تُو ان کي عطا فرمايو آهي، ان ۾ برڪت ڏي. (ترمذي، کتاب المناقب، باب مناقب أنس بن مالڪ رضي الله عنہ، ۵/ ۴۵۰، حديث:۳۸۵۵)
مڪي مديني جي تاجدار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هيءَ دعا اهڙي مقبول ٿي جو حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ بصرہ ۾ اهي آخري صحابي هيا جن جو وصال ٿيو. ۽ خود حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي عمر سو سال کان وڌيڪ ٿي. ۽ چيو وڃي ٿو ته سندن اولاد جو تعداد سؤ کان مٿي هئي۔ حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو