Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

تارن جيان چمڪڻ لڳو. * آمدِ مصطفيٰ جي بَرَڪت سان ڪعبو به جُھومڻ لڳو۔ * آمدِ مصطفيٰ جي برڪت سان ڪُومايل ٽاريون ٻَهۡڪي اٿيون. * آمدِ مصطفيٰ جي بَرَڪت سان انڌيرا ختم ٿيڻ لڳا۔ * آمدِ مصطفيٰ جي بَرَڪت سان ڪفر ۽ شرڪ جي ايوانن ۾ زلزلا اچي ويا.  * آمدِ مصطفيٰ  جي بَرَڪت سان بي سهارن کي سهارو ملي ويو۔ * آمدِ مصطفيٰ جي برڪت سان بي قرارن کي قرار ملڻ لڳو. * آمدِ مصطفيٰ  جي برڪت سان غريبن کي يتيمن کي آسرو مليو. * آمدِ مصطفيٰ  جي برڪت سان شيطان ذليل ۽ رُسوا ٿيو ۽ اڄ تائين ٿي رهيو آهي۔ * آمدِ مصطفيٰ  جي برڪت سان جہالت جو خاتمو ٿيو۔ * آمدِ مصطفيٰ  جي برڪت سان ناجائز ۽ غير شرعي رسمن  جو خاتمو ٿيو. * آمدِ مصطفيٰ  جي برڪت سان معاشري جي هر فرد کي ان جا جائز حقَ مليا. * آمدِ مصطفيٰ جي برڪت سان زمانو نُورٌ عَلٰي نُور ٿي ويو۔ * آمدِ مصطفيٰ جي برڪت سان سڄي جہان ۾ اسلام جو جھنڊو لهرائڻ لڳو۔* آمدِ مصطفيٰ جي برڪت سان زمانو روشن ٿي ويو۔ * آمدِ مصطفيٰ جي برڪت سان دُنيا جڳمڳائڻ لڳي۔

اي عاشقانِ رسول! اسان به آمدِ مصطفيٰ جي خوب ڌُوم مچايون، خوب خوشيون ملهايون۔ هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته بي چين دلين جي چين، رَحمتِ دارَين، تاجدارِ حَرَمَين، سَروَرِ کَونَين، ناناءِ حَسَنَيْن صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جھان ۾ فَضْل و رَحمت بَڻجي ڪري تشريف وٺي آيا ۽ اللہ پاڪ جي رَحْمت جي نُزُول جو ڏينهن يقيناً خوشيءَ جو ڏينهن آهي، جيئن ته :

مومنو خوشيون ملهايو سرڪار اچي ويا

پارو11 سُوْرَہ يُوْنُس جي آيت نمبر58 ۾ خداءِ رَحمٰن جو فرمانِ ذِيشان آهي: