Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
میں مدینے کی گلیوں کے قرباں جن سے گزرے ہیں شاہِ مدینہ
اس طرح سے مہکتے ہیں رستے عطر جیسے لگائے ہوئے ہیں
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ ميلاد! اچو! سرڪارِ دوعالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ هٿن جي برڪت جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:
جيئن ته صحابيِ رسول حضرت جابر بن عبداللہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان رَسُولُ الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ غزوہ’’ذَاتُ الرِّقَاع‘‘۾ ويس، جڏهن واپسي ٿي ته ڇو ته منهنجو اُٺ ڪمزور ۽ لاغر (ڏُٻرو) هيو، جنهن ڪري مان بار بار لشڪر کان پوئتي رهجي ٿي ويس، هڪ مقام تي حضور عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام مون کي فرمايو:اي جابر! ڇا ڳالهه آهي جو تون پوئتي رهجي وڃي ٿو؟ مون عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) منهنجو اُٺ لاغر(ڏٻرو) آهي، هو لشڪر جي سوارين سان گڏ هلي نٿو سگهي، حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هن کي ويهار، مون اُٺ کي ويهاريو ته فرمايائون: ڪنهن وڻ مان هڪ لڪڻ ڀڃي مون کي ڏي، مون هڪ ڪاٺي حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ پيش ڪئي، پوءِ پاڻ فرمايائون: هاڻي تُون اُٺ تي سوار ٿي، مان سوار ٿي ويس. حضورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو لڪڻ اُٺ کي ٽي چار ڀيرا هنيو، پوءِ اهو اُٺ ايترو تيز ٿي ويو جو مجاهدن جي سٺن سٺن تيز اُٺن کان به اڳتي نڪري ويندو هو، مان اُٺ جي رفتار کي گھٽ ڪندي حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي برابر هلندو رهيس ۽ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ڪچهري ڪندو رهيس، اچانڪ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: اي جابر! تون اهو اُٺ منهنجي هٿ وڪڻندين؟ مون عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ! (صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) مان هي بنا معاوضي جي توهان جي نذر ڪيان ٿو، فرمايائون: ايئن نه، فروخت ڪيو، مون عرض ڪيو: يَارَسُوْلَ اللہ (صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ته پوءِ