Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* سٺين سٺين نيتن سان اوّل کان آخر تائين بيان ٻُڌو * پوري توجھ سان بيان ٻڌڻ جي نيت ڪيو * اَدب سان ويهڻ جي نيت ڪيو * جيڪڏهن قلم ۽ ڊائري اوهان وٽ آهي ته اهم نڪتا نوٽ ڪرڻ جي به نيت ڪري وٺو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سڀ کان پهريان ته اسان کي الله پاڪ جو لک لک شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جو جنهن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر 12ربيع الاول جي مقدس نوراني رات نصيب فرمائي. اَڄُوڪي رات وڏي رات آهي. هي رات وڏي عظيم الشان رات آهي. هي رات وڏي فضيلتن ۽ برڪتن واري مقدس رات آهي. هي اها رات آهي جنهن کي ڪائنات جي سڀ کان وڏي شان ۽ شوڪت واري هستي سيد الانبياء، تاجدارِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت آهي. هي اها رات آهي جو جنهن ۾ حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي مڪانِ رحمت مان اهڙو نور چمڪيو جنهن سڄي عالم کي چمڪائي ڇڏيو. هي اها رات آهي جنهن ۾ هر طرف خوشين جو سمان ڇانئجي ويو. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ هر طرف نور جي  روشني ڦهلجي وئي. هي اها رات آهي جنهن ۾ ڪفر ۽ شرڪ جا انڌيرا ختم ٿي ويا. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ مؤمنن تي احسانِ عظيم ڪيو. هي اها رات آهي جنهن ۾ شيطان پنهنجي ساٿين سميت خوار ٿيو. هي اها عظيم رات آهي جو هن رات آسمان جا تارا به زمين جي طرف مائل ٿيڻ لڳا. هي اها رات آهي جيڪا تمام راتين جي سردار آهي. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ مڪانِ آمنه مان اهڙو نور چمڪيو جهن سان اوڀر ۽ اولھ روشن ٿي ويا. هي اها رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ جي حڪم سان ملائڪن جي سردار جبرائيل امين اوڀر ۽ اولھ ۽ خانه ڪعبه تي جهنڊا لڳايا۔