Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

      حضرت سَيّدنا امام عبدُالرّحمٰن ابنِ جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت تي خوشي جو اظهار ڪرڻ واري جي لاءِ اها خوشي جہنَّم کان رڪاوٽ بڻجندي۔ اي اُمَّتِ محبوب! توهان جي لاءِ خوشخبري هجي توهان دُنيا ۽ آخرت ۾ خيرِ ڪثِير جا حقدار ٿيؤ۔ حضرت سيِّدُنا احمدِمجتبيٰ، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي برڪت، عزت، ڀلائي ۽ فخر ملندو، موتين جو عمامو ۽ سبز حُلَّہ (جُبو) پائي ڪري اهو جنت ۾ داخل ٿيندو، بيشُمار محلاّت ان کي عطا ڪيا ويندا ۽ هر محل ۾ حُور هوندي۔ نبيِ خيرُ الاَنام صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي خوب دُرُود پڙهو، جشنِ ولادت ملهائي ڪري هن کي خُوب عام ڪيو وڃي۔  (مجموع لطيف  النبي  في صيغ المولد النبوي القدسي، مولد العروس، ص۲۸۱ملتقطا)

صحابَه ڪرام  ميلاد  ڪهڙي طرح ملهايو؟

      جھڙي طرح اللہ پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري جو ذڪر فرمايو، پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪمالات کي بيان فرمايو ۽ خُود سرڪار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجي وِلادتِ مُبارَڪه جو تذڪرو ڪيو، اهڙي طرح صحابَه ڪرام رِضْوَانُ اللہِ عَلَيۡہِمْ اَجْمَعيْن به پنهنجي پنهنجي محفلن ۾ حُضُورِ اڪرم، شہنشاههِ اُمم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا خُوب خُوب چرچا ڪندا هئا۔ جيئن ته

      حضرتِ سيِّدُناابُوسعيد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضرتِ سيدُنا مُعاوِيہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمايو: هڪ ڀيري سرڪارِ والا تبار، شہنشاہِ ابرار صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابَه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم جي هڪ حلقي وٽ تشريف کڻي آيا ۽ پُڇيو: توهان کي هتي ڪهڙي شيءِ ويهاريو آهي؟ صحابَه ڪرام رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُم عرض ڪيو اسان اللہ پاڪ جو ذِڪر ڪرڻ جي لاءِ ويٺا آهيون، اُن جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيون ته ڇو ته ان اسان کي اسلام جي هدايت سان نوازيو ۽ اوهان جي ذريعي اسان تي وڏو احسان فرمايو، ته پاڻ ڪريم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: اللہ پاڪ جو قسم! ڇا توهان کي صرف انهيءَ شيءِ هتي ويهاريو آهي؟ عرض ڪيائون: