Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

تشريف وٺي آيا ۽ انهن سندن جي عزت ۽ بلند عہدي جي متعلق خبر ڏني۔(7) پوءِ حضرت داؤد عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام بي بي آمِنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا جي خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ فرمايو ته جيڪا هستي اوهان وٽ تشريف وٺي اچڻ واري آهي، اها مَقامِ محمود، حوضِ ڪوثر، لِوَاءُالْحَمْد، وڏي شفاعت جا مالڪ آهي۔ (8)پوءِ حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تشريف وٺي آيا ۽ ٻڌايو ته آخري نبي اوهان وٽ تشريف وٺي ايندا. (9) پوءِ حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي خواب ۾ جلوہ گَري ٿي ۽ فرمايو: اوهان جا پٽ سچ ڳالهائڻ وارا ۽ سڌي دِين يعني جيڪو سڀ دينن تي غالب اچي ان دِين جا مالڪ آهن۔ الغرض ہر نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام سندن کي اها بشارت ڏني ته پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا دنيا ۽ آخرت جي سردار سان حامله آهن ۽ جڏهن دنيا ۾ تشريف وٺي اچن ته سندن جو نالو محمد صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رکجو۔ ( رسائل ميلاد مصطفيٰ،ص ۲۲۵ ملخصا)

مبارک ہو وہ شہ پردے سے باہر آنے والا ہے

گدائی کو زمانہ جس کے دَر پر آنے والا ہے

(ذوق ِنعت، ص۲۱۶)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                            صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

ايمان افروز خوشخبريون

پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ اڪرم، شاہِ بنيِ آدم صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ با سعادت کان پهريان والدہ ماجدہ حضرت آمنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا جي لاءِ ہر رات مزيد بابرڪت ۽ خوشين جو پيغام کڻي آئي، انهن راتين ۾ بي بي آمنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا کي عجيب کيف و سرور حاصل ٿيو. * پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا کي مراد ۽ آرزو پوري هجڻ جي خوش خبري ڏني وئي۔ * ۽ ٻڌايو ويو ته پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا وٽ اها هستي اچڻ واري آهي جيڪا حمد بجا آڻڻ ۽ شڪر ادا ڪرڻ واري آهي۔ * پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا آسمان کان فرشتن کي تسبيح ڪندي ٻڌو * حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي اهو