Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهي، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڻ کي حڪم ڏنو ته اهو واپس هليو وڃي، حڪم ملندي ئي اهو واپس هليو ويو. اهو ڏسي ڪري اعرابي عرض ڪيو: يارَسُوْلَاللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي اجازت ڏيو ته مان اوهان جي هٿ مبارڪ ۽ پيرن مبارڪن کي چمان؟ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي اجازت ڏني ۽ ان دَسْت بوسي ۽ قدم بوسي جي سعادت حاصل ڪئي۔ پوءِ اهو اعرابي عرض ڪرڻ لڳو: اوهان مون کي ان ڳالهه جي به اجازت ڏيو ته مان اوهان کي سجدو ڪيان؟ اهو ٻڌي ڪري پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: نه! اللہ پاڪ کان سِوا ڪنهن ٻي جي لاءِ سجدو ناهي۔ (الخصائص الکبريٰ، باب الآية في قدوم الاعرابي، ۲/۵۹)

جن کو سُوئے آسماں پھیلا کے جل تھل بھر دیے

صَدقہ اُن ہاتھوں کا پیارے ہم کو بھی درکار ہے

چاند شق ہو پیڑ بولیں جانور سجدے کریں

بارَکَ اﷲ مرجعِ عالم یہی سرکار ہے

(حدائق بخشش،ص ۱۷۶)

(4)دعا جي برڪت سان ايمان قبولي ورتو

اي عاشقانِ صحابه و اہلبيت! اچو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن ته حضرت ابوہريرہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: منهنجي امڙ اسلام جي دامن کان دُور هئي، مان اُن کي اسلام جي دعوت ڏيندو هيس مگر هوءَ مڃيندي نه هئي، هڪ ڏينهن جڏهن ته مون پنهنجي والدہ کي اسلام جي دعوت ڏني ته ان پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ اهڙي ڳالهه چئي جنهن کي مان ٻڌي نه ٿي سگھيس، مان اتان ڊوڙي نڪتس ۽ نبيِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ روئندو اچي حاضر ٿيس. رسولِ اڪرم، نوُرِمجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: ابوہريرہ ڇا ٿيو؟ مون ماجرو ٻڌائي عرض ڪيو: يَارَسُوْل اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي والدہ جي لاءِ