Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

هئي بلڪه اللہ اڇلائي هئي. (پ9، الانفال:17)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                             صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(1) دستِ مصطفيٰ جي برڪت

     صحابي رسول حضرت عُتْبہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جن اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي زماني ۾ مُوصَل شہر کي فتح ڪيو ويو هيو، سندن جي گھر واري بيبي اُمُّ عاصم رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا بيان ڪن ٿيون ته حضرت عتبہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جون اسان چار گھر واريون هيون سين، اسان مان هر هڪ وڌيڪ ۽ سٺي خوشبوء لڳائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته جيئن ٻئي کان وڌيڪ خوشبودار ٿئي. جڏهن ته حضرت عتبہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ پنهنجي ڏاڙهي ۾ تيل ته لڳائيندا ها پر ڪا خوشبوء استعمال نه ڪندا ها، ان جي باوجود به حضرت عتبہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي جسم مان ہر وقت اسان کان وڌيڪ ۽ گھڻي عمدہ خوشبو ايندي رهندي هئي. جڏهن حضرت عتبہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ ٻاهر نڪرندا هيا ته ماڻهو چوندا ها اسان حضرت عتبہ رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي لڳايل خوشبو کان وڌيڪ سٺي ڪا خوشبوء ناهي سِنگهي۔ هڪ ڏينهن مون سندن کان پڇيو ته اسان سٺي خوشبوء استعمال ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنديون آهيون، پر اسان کان وڌيڪ خوشبودار ته توهان آهيو۔ ان جو ڇا سبب آهي؟ پاڻ جواب ڏنائون ته رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عہد مبارڪ ۾ منهنجي بدن تي ڦوڙا نڪتا، مان خدمتِ نبوي ۾ حاضر ٿيس۔ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن بيماري جي شڪايت ڪئي۔ رَسُولُ اللہ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي ارشاد فرمايو ته ڪپڙا لاهيو۔ مون سَتْر(يعني ڇپائڻ جي جڳهه) کان علاوہ ڪپڙا لاهي ڇڏيا ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون ويهي رهيس. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ٻنهي مبارڪ ترين ۾ دم ڪري منهنجي جسم تي ڦيري ڇڏيون، انهيءَ وقت کان منهنجي جسم مان خوشبوء مهڪندي رهي ٿي۔ (معجم صغير، ۱/۳۹)

ڪنهن شاعر ڇا ته خوب چيو ته