Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
عرض ڪيو، نه: ارشاد فرمايائون: اهو شيطان آهي. ( بخاری، کتاب الوکالة، باب اذا وکل رجلا... الخ ،رقم: ۲۳۱۱، ۲ /۸۲)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ صحابه ۽ اہلبيت! غور ڪيو، بخاري شريف جي هن حديث مان معلوم ٿي رهيو آهي ته اسان جي آقا جي نگاهه مبارڪ ماضي ۾ ٿي ويل واقعن کي به ڏسي وٺندي آهي ۽ آئنده ٿيندڙ واقعن کي به ڏسي وٺي ٿي، ان سان گڏ اهو به معلوم ٿيو ته آيَةُ الۡڪُرۡسِي جا بيشمار فضائل ۽ برڪتون آهن، جيڪڏهن رات جو بستري تي وڃڻ کان پهريان آية الڪرسي پڙهي ڇڏجي ته سڄي رات شيطان ويجھو ناهي ايندو بلائن ۽ آفتن کان حفاظت ٿيندي آهي، اهڙي طرح نمازن کان پوءِ به آية الڪرسي پڙهڻ تي جنت جي بشارت آهي، رات جو سمهڻ وقت پڙهڻ تي پنهنجي ۽ پاڙي وارن جي گھرن جي حفاظت جي بشارت آهي (شعب الايمان، التاسع عشر من شعب الايمان، فصل في فضائل السور والآيات، ۲/۴۵۸، الحديث: ۲۳۹۵) جيڪڏهن رات جو سمهڻ وقت آية الڪرسي پڙهي ڇڏجي ته سڄي رات گھر چوري ۽ ناگہاني آفتن کان محفوظ رهندو، آية الڪرسي پڙهڻ وارو برن خوابن ۽ جنات جي خلل کان بچيل رهندو، هر نماز کان پوءِ آية الڪرسي پڙهڻ واري جو خاتمو خير تي ٿيندو.
خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا
پڑھوں کلمہ جب نکلے دَم یاالٰہی
(وسائلِ بخشش ص ۲۸)
پيارا اسلامي ڀائرو! آيةالڪرسي ہر نماز کان بعد پڙهڻ جي سعادت حاصل تڏهن ٿيندي جڏهن اسان پابندي سان نماز پڙهنداسين. افسوس اسان جو هڪ تعداد آهي جيڪو نماز جماعت سان ناهي پڙهندو ۽ اهڙي طرح هڪ تعداد آهي