Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجي مبارڪ زبان آهي، اسان جي زبان جو ڇا حال آهي اهو اسان ڄاڻون ٿا، جڏهن ته اسان جي نور واري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زبان ڪهڙي آهي؟۔ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:

وہ زباں جس کو سب کُن کی کنجی کہیں

اُس کی نافذ حکومت پہ لاکھوں سلام

(حدائقِ بخشش، ۳۰۲)

 يعني اسان جي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبانِ مبارڪ تقديرِ الٰهي جي چاٻي آهي. جيئن جيئن اها مبارڪ زبان هِلندي ويندي آهي، واقعات تيئن ئي ٿيڻ لڳندا  آهن۔ ان زبانِ مبارڪ جا ڪمالات ڏسي ڪري چوڻو پوي ٿو ته ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ تي ان جي حڪومت آهي ۽ اهڙي حڪومت تي لکين سلام هجن.

اي عاشقانِ ميلاد!حضورسراپا نُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان مبارڪ ۽ سندن پاڻي يعني لُعابِ دَہن (ٿُڪ مبارڪ) مان ڪهڙا ڪهڙا معجزا ظاہر ٿيا، اچو ٻڌون ٿا:

(1) زبان مُبارڪ جي حڪم سان ٻار تندرست ٿي ويو.

حضرت اُسامه بن زيد رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جو بيان آهي، فرمائن ٿا: اسان دو عالم جي مالڪ ۽ مختار، مڪي مدَني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ حج جي لاءِ نڪتاسين ۽ جڏهن وادي رَوْحا ۾ پهتاسين ته رحمتِ عالم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ عورت کي ڏٺو جيڪا پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي طرف اچي رهي هئي، اهو ڏسي ڪري نبيِ رحمت، شفيعِ اُمَّت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي سواري روڪي ڇڏي ۽ جڏهن اها عورت ويجھو آئي ته ان عرض ڪيو يَارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي منهنجو ٻارُ جڏهن کان پيدا ٿيو آهي، هيءُ بيمار ئي رهي ٿو اهو ٻڌي ڪري رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻار کي کڻي ڪري پنهنجي اڳيان ويهاريو ۽ ان جي منهن ۾ لُعابِ دَہن مُبارڪ وڌو ۽ فرمايو: اُخْرُجْ عَدُوَّاللہِ فَاِنّي