Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَۙ(۱) وَ وَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَۙ(۲) الَّذِیْۤ اَنْقَضَ ظَهْرَكَۙ(۳)

تَرجموڪنزُالعرفان: ڇا اسان تنهنجي خاطر تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو. ۽ اسان تنهنجي مٿان کان تنهنجو بار لاهي ڇڏيو. جنهن تنهنجي پٺي ڀڃي ڇڏي هئي.      (پ30، الم نشرح:1تا3)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                        صَلَّی اللّٰہُ  عَلٰی مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! اچو! هاڻي پنهنجي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪجھ مقدس عضون جي متعلق قرآني آيتن ۽ عضون مبارڪن مان ظاہر ٿيڻ وارا معجزا ٻڌون ٿا:

سيپاري 27، سُوْرہ نَجْم جي آيت نمبر3 ۾ زبان مبارڪ جو ذڪر ٿئي ٿو ۽ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ مَا یَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰىؕ(۳)

تَرجُموڪنزُالعرفان: ۽ اهو ڪا ڳالهه پنهنجي خواہش سان نه ٿو چوي.

(پ27،النجم:3)

سيپاري 25،سُوْرہ دُخان جي آيت نمبر58 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

فَاِنَّمَا یَسَّرْنٰهُ بِلِسَانِكَ

تَرجُموڪنزُالعرفان: پوءِ اسان هن قرآن کي تنهنجي زبان ۾ آسان ڪري ڇڏيو.

 (پ25، الدخان:58)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                             صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اها زبان جنهن کي سڀ ڪُن جي ڪُنجي چون

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي به زبان آهي ۽ اسان جي آقا مديني واري مصطفيٰ