Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
هڪ باغ هيو، عام باغن ۾ سال ۾ هڪ دفعو ميوو لهندو آهي جڏهن ته حضرت انس رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ جي باغ ۾ سال ۾ ٻه دفعا ميوو لهندو هيو، ۽ سندن باغ ۾ هڪ گُل هيو جنهن مان مشڪ جهڙي خوشبوء ايندي هئي. (مرقاة شرح مشکوة، ۱۰/۲۹۲ تحت الحديث:۵۹۵۲)
اعليٰ حضرت ڇا ته خوب فرمائن ٿا:
مکاں عرش اُن کا فلک فرش اُن کا مَلَک خادمانِ سَرائے مُحَمَّد
خدا کی رضَا چاہتے ہیں دو عَالم خدا چاہتا ہے رضائے مُحَمَّد
دمِ نزع جاری ہو میری زباں پر مُحَمَّد مُحَمَّد خدائے مُحَمَّد
اجابت کا سہرا عنایت کا جوڑا دلہن بن کے نِکلی دُعائے مُحَمَّد
اجابت نے جُھک کر گلے سے لگایا بڑھی ناز سے جب دُعائے مُحَمَّد
(حدائق بخشش،ص ۶۵، ۶۶)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي اسان پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زبان جا ڪجھ معجزا ٻڌا، اچو! هاڻي سرڪارِ دو عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ هٿن جي متعلق آيت قرآني ۽ ان کان پوءِ ان مبارڪ هٿن جا ڪجھ معجزا به ٻڌون ٿا:
جيئن ته سيپاري 9، سُوْرہ اَنْفَال، آيت نمبر17 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:
وَ مَا رَمَیْتَ اِذْ رَمَیْتَ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ رَمٰىۚ-
تَرجموڪنزُالعرفان: ۽ اي حبيب جڏهن توهان خاڪ اڇلائي ته توهان نه اڇلائي