Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
سرکار کی آمد مرحبا پیارے کی آمد مرحبا پُرنور کی آمد مرحبا
سردار کی آمد مرحبا اچھے کی آمد مرحبا سراپا نور کی آمد مرحبا
مُختار کی آمد مرحبا سوہنے کی آمد مرحبا رسولِ مقبول کی آمد مرحبا
سچے کی آمد مرحبا موہنے کی آمد مرحبا آمنہ کے پھول کی آمد مرحبا
مرحبا یا مصطفی مرحبا یا مصطفی مرحبا یا مصطفی
صَلُّو ْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
وِلادتِ مصطفيٰ کان پهريان انبياء ڪرام جي زيارت ۽ سندن جون بشارتون
پيارا اسلامي ڀائرو! نور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دُنيا ۾ تشريف آوري کان پهريان سندن جي پياري امڙ سائڻ حضرت بي بي آمنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا کي 9 انبياء ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي زيارت ٿي ۽ انهن مان هرهڪ نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا کي حُضُور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي متعلق ڪجھ نه ڪجھ خبر کان آگاهه فرمايو. حضرت علامه مولانا عبد الرحمٰن ابنِ جوزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَلَيْه فرمائن ٿا:
حضورپُرنور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادت جو وقت ويجھو آيو، ته حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام بي بي آمِنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا جي خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جي متعلق خبر ڏني۔ (2)پوءِ حضرت اِدريس عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تشريف وٺي آيا ته انهن پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضل و ڪرم ۽ اعليٰ رتبي جي خبر ڏني۔ (3)پوءِ حضرت نوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تشريف وٺي آيا ته انهن ٻڌايو ته توهان جو پُٽ فتح و نصرت جو مالڪ آهي۔ (4) پوءِ حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تشريف وٺي آيا ته پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزّت ۽ بزرگي کان آگاھ فرمايو۔(5) پوءِ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام تشريف وٺي آيا ۽ انهن ٻڌايو ته جيڪا هستي اوهان وٽ تشريف فرما ٿيڻ واري آهي، اها وڏي اخلاق جي مالڪ ۽ وڏي عزت واري آهي۔ (6) پوءِ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام