Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi

اي عاشقانِ رسول! انهن معجزن کان علاوہ به ڪيئي معجزا پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هٿن مان ظاہر ٿيا۔ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن چهري تي پنهنجو نوراني هٿ  ڦيري ڇڏيندا ها ته چہرو نور نور ٿي ويندو هو، اچو اهڙي طرح جا ٽي معجزا ٻڌون ٿا:

(3) گهر  روشن ٿي ويو

(1) حضرتِ سَيدُنا اَسِيد بن اَبي اناس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: رسول ڪريم
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري منهنجي چِهري ۽ سيني تي پنهنجو نوراني هٿ ڦيريو، ان جي بَرَڪت هي ظاهر ٿي ته مان جڏهن به ڪنهن اونداهي گھر ۾ داخِل ٿيندو هيس، اهو گھر روشن ٿي ويندو هو۔ (الخَصائِصُ الڪبْري،۲ /۱۴۲وتاريخ دمشق،۲۰/۲۱)

(4) دستِ مبارڪ جي برڪت

(2) حضرت عائذ بن سعيد جسري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ رسولُ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان منهنجي چهري تي پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيريو ۽ برڪت جي دُعا ڪريو، حضورِ انور، رسولن جي افسرصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ائين ئي ڪيو (يعني اُن جي چهري تي هٿ ڦيريائون ۽ برڪت لاءِ دُعا ڪيائون) اُن وقت کان حضرت عائذ رَضِىَ اللهُ عَنْه جو چهرو ترو تازه ۽ نوراني رهندو هو۔

 (الاصابه في تمييز الصحابه،عائذ بن سعيد ،۳/۴۹۳،رقم ۴۴۶۲)(سيرتِ رسولِ عربي صفحه۲۶۵)

(5)چهرو چمڪندو هو

(3) حضرت ابو سِنان عبدي صباحيرَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيريائون، انهن جي عمر 90 سال جي ٿي وئي پر سندن جو چهرو بجلي جيان چمڪندو هو۔

 (الاصابه في تمييز الصحابه،ابو سنان العبدي ثم الصباحي ،۷/۱۶۴،رقم۱۰۰۶۶)