Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
میں گدا تُو بادشاہ بھر دے پیالہ نور کا نور دن دُونا ترا دے ڈال صدقہ نور کا
تاج والے دیکھ کر تیرا عمامہ نور کا سر جھکاتے ہیں الٰہی بول بالا نور کا
جو گدا دیکھو لئے جاتا ہے توڑا نور کا نُور کی سرکار ہے کیا اس میں توڑا نور کا
(حدائق بخشش،ص:۲۴۵)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
چشمانِ مقدس (مبارڪ اکين) جا معجزا
پيارا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان ٻارهينءَ واري مصطفيٰ، بادشاہِ ارض و سما
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ هٿن جا چند معجزا ملاحظه ڪياسون، اچو! هاڻي حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چشمانِ اقدس يعني مبارڪ اکين جي متعلق آيت قرآني ۽ ان مبارڪ اکين جا معجزا به ٻڌون ٿا .
سيپارو 27، سُوْرہ نَجْم جي آيت نمبر17 ۾ اکين مبارڪ جو ذڪرٿئي ٿو:
مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَ مَا طَغٰى(۱۷)
تَرجموڪنزُالعرفان: اک نه ڪنهن طرف ڦُري ۽ نه حد کان وڌي.
(پ27، النجم:17)
روايت آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مُبارڪ اکيون وڏيون ۽ قُدرتِ الٰهي سان سُرمي پاتل هيون، مبارڪ پنبڻ ڊگھا هئا، جڏهن ته اکين جي سفيدي ۾ سنهڙا سُرخ ڏورا هوندا هيا، جنهن سان حُسن اڃا وڌي ويو. (سيرتِ رسول عربي، ص۲۵۱)۔ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن شخص تي انهن مُبارڪ اکين سان نظر فرمائي ڇڏيندا ها ته ان جا سُتل نصيب جاڳائي ڇڏيندا ها. جيئن ته