Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
توکي معلوم ناهي ته مون تي درودِ پاڪ پڙهڻ بنا الله پاڪ پنهنجي ثناء به قبول ناهي فرمائيندو، هُو اهڙي ڪا دعا قبول ناهي فرمائيندو جنهن ۾ مون تي درود پاڪ نه موڪليو ويو هجي ۽ ڪا حاجت پوري ناهي فرمائيندو جيسيتائين مون تي درود شريف نه موڪليو وڃي، ڇا تو الله پاڪ جو هيءُ فرمان ناهي ٻُڌو؟
صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶)
تَرجموڪنزُالعرفان: ان (محبوب) تي درود ۽ خوب سلام موڪليو. (پ22،الاحزاب:56)[1]
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
جہاں کے مولا جہاں کے سرور سلام تُم پر سلام تُم پر
طبیبِ عالَم حبیبِ داوَر،سلام تُم پر سلام تُم پر
تمہاری نورانیت سے اب تک ہیں عالَمِ نور، دونوں عالَم
تمِہیں تو ہو نور و نورِ پیکر سلام تم پر سلام تم پر [2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .
(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
مسئلو: جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.