Book Name:Mojza Ban Kay Aaya Hamara Nabi
چوندي ٻڌو ته اي آمنه! مدح ۽ عزت جي مالڪ جي سبب خوش ٿي وڃ.* فرشتن بي بي آمنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا جي چوڌاري طواف جي صورت ۾ چڪر لڳايا۔ * پاڻ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا جي سعادتن ۽ دولتمندي جي ابتدا ٿي۔ * فرشتن لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ جو وِرد ڪيو۔ بي بي آمِنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا کان ٿڪاوٽ دُور ٿي وئي ۽ حضورِ پاڪ، صاحِبِ لولاڪ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادتِ با سعادت ٿي وئي۔ ( رسائلِ مِيلاد مصطفيٰ، ۲۲۷ملخصا)
حضرت بي بي آمنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا ولادتِ مصطفيٰ جو ذڪر ڪندي فرمائن ٿيون: جڏهن سردارِ ڪون ومڪان، مالڪِ دو جہان صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد ٿي ته مون ڏٺو ته پاڻ سجدي ۾ آهن ۽ عاجزي ۽ اِنڪساري سان پنهنجي آڱُر اُڀي ڪيل آهن۔ پوءِ مون اڇي ڪڪر کي آسمان تان لهندي ڏٺو جنهن نبين جي سرور صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مون کان لڪائي ڇڏيو، پوءِ مون ڪنهن چوڻ واري کي چوندي ٻڌو: هِن کي اوڀر، اولهه جو سير ڪرايو، هِن کي زمين جي هر جڳهه تي وٺي وڃو، تمام سمنڊ واري مخلوق، جنّن ۽ انسانن جي رُوحن، فرشتن، پَکين ۽ جانورن وَٽان گذاريو، هِن کي هر روح واري تي پيش ڪيو ته جيئن اهي هن کي هن جي نالن ۽ وَصۡفن سان سُڃاڻي سگھن، وڌيڪ هِن کي تمام انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي پيدائش جي جڳهه جو به چڪر لڳرايو ۔
(خصائص الڪبريٰ، باب ظھرفي ليلة مولدہ۔۔۔الخ،۱/۸۲)
حضرتِ سيِّدَتُنا آمنہ رَضِیَ الـلّٰـهُ عَنْهَا وڌيڪ فرمائن ٿيون: پوءِ اهو ڪڪر پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان دُور ٿي ويو ته ڏٺم پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سفيد اُوني ڪپڙي ۾ ويڙهيل هيا ۽ هيٺان سائو ريشم وِڇيَل هُيو۔ (مولد النبي لابن حجر، ص ۲۲ ملخصا) ڪنهن چوڻ واري چيو: حضرت محمد صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام دنيا تي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ زمين جي ڪا مخلوق اهڙي ناهي جيڪا سندن جي قبضي ۾ پنهنجي خوشيءَ سان نه آئي هجي۔ ان کان پوءِ ٽي فرشتا پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏانهن وڌيا هڪ وٽ چانديءَ جو پيالو، ٻي وٽ زَمُرْد جو ٿال ۽ ٽي وٽ سفيد ريشم جو ڪپڙو هيو، جنهن ۾ خوب چمڪندڙ منڊي هئي۔ انهن پاڻ صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيالي جي