Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
سُبْحٰنَ الله! ڪيڏي نه پياري نصيحت آهي، زندگي جو بهترين سبق هنن 5 جملن ۾ سمايل آهي. ان کي دل ۾ ويهاري ڇڏيو ٭ سڀ کان افضل دوست خاموشي آهي٭ سڀ کان افضل لباس پرهيزگاري آهي ٭ سڀ کان افضل مال قناعت آهي ٭ سڀ کان افضل نيڪي خيرخواهي آهي ٭ ۽ سڀ کان لذيذ کاڌو صبر آهي.
(1) خاموشي افضل دوست آهي
اوهان سوچي رهيا هوندا ته خاموشي ڪيئن دوست ٿي سگهي ٿي؟ جي ها! هي دوست آهي ٭ هي اهو دوست آهي جيڪو ذلت کان بچائيندو آهي ٭ اهو دوست آهي جيڪو عزت وڌائيندو آهي ٭ اهو دوست آهي جيڪو مشڪلاتن کان بچائيندو آهي ٭ اهو دوست آهي جيڪو نجات ڏياريندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: مَنْ صَمَتَ نَجَا جيڪو خاموش رهيو، ان نجات حاصل ڪئي. ([1])
صحابيءِ رسول آهن: حضرت عقبه بن عامر رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ . پاڻ فرمائن ٿا: مون محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! نجات ڪنهن ۾ آهي؟ فرمايائون: اَمْلِکْ عَلَیْکَ لِسَانَکَ پنهنجي زبان تي قابو رک! (ان ۾ نجات آهي) ([2])
سُبْحٰنَ الله! معلوم ٿيو؛ خاموشي اهو دوست آهي جيڪو اسان کي نجات ڏياريندو آهي. هن دنيا ۾ به وڏين وڏين مشڪلاتن کان نجات ڏياري ڇڏيندو آهي ۽ الله پاڪ چاهيو ته آخرت ۾ به دردناڪ عذاب کان بچائي وٺندو.