Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

آهن: (1): افضل دوست خاموشي آهي (2): افضل لباس پرهيزگاري آهي (3): افضل مال قناعت آهي (4): افضل نيڪي خيرخواهي آهي (5): ۽ افضل کاڌو صبر آهي. الله پاڪ اسان کي خاموشي جي دولت به نصيب فرمائي، پرهيزگاري به نصيب ڪري، قناعت به عطا فرمائي، ڪاش! اسان ٻين جا خيرخواھ به بڻجي وڃون، ڪاش! صبر ڪرڻ به نصيب ٿئي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!                                    صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني مذاڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪين ڀري زندگي گذارڻ، گناهن کان بچڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي چڙهي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْكَرِيْم! دل روشن ٿيندي، عشقِ رسول نصيب ٿيندو، محبتِ الاهي نصيب ٿيندي ۽ دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون هٿ اينديون. دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو. اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت بلڪه ولئ ڪامل آهن، پاڻ هر هفتي نمازِ عشاء کان پوءِ مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، يعني دنيا ڀر مان عاشقانِ رسول تفسير، حديث، شريعت، طريقت وغيره مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن، اميرِ اهلسنت انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن. هي مدني مذاڪرو مدني چينل تي لائيو (Live) ڏيکاريو ويندو آهي. مدني مذاڪرو عقائد جي اصلاح ۽ اعمال جو بهترين ذريعو آهي: ٭اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هينئر تائين ڪيئي غير مسلم مدني مذاڪرو ڏسي ڪلمو پڙهي چڪا آهن ٭ بي نمازين جو هڪ تعداد آهي جيڪو نمازي بڻجي چڪو آهي ٭ ڪيترين دلين جي اصلاح ٿي چڪي آهي. اوهان به مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْكَرِيْم! ٭علمِ دين حاصل ٿيندو ٭محبتِ الاهي ملندي ٭عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو ٭گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي