Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

گهاٽي وڻ جي هيٺان بيهي پکي ڳولڻ لڳو. ايتري ۾ وڻ جي پنن جي جھُنڊ جي اندران ڪنهن پکي جي ٻولڻ جو آواز آيو، بس پوءِ ڇا ٿيو، هن فورًا آواز جي طرف تير اڇلايو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ پکي زخمي ٿي ڪِري پيو ۽ تڙپڻ لڳو. خاموش شهزادو بي اختيار ڳالهائڻ لڳو: پکي جيستائين خاموش هو سلامت رهيو پر ڳالهائيندي ئي تير جو نشانو بڻجي ويو ۽ افسوس! ان جي ڳالهائڻ سبب مان به ڳالهائي ويٺس!.[1]

چُپ رہنے میں سو سکھ ہیں تو یہ تجرِبہ کرلے              اے بھائی!  زَباں پر تُو لگا قفلِ مدینہ[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! خاموشي واقعي تمام وڏي نعمت آهي، سلامتي جو راز ان ۾ آهي پر افسوس! اسان جي ته فضول ڳالهائڻ جي عادت ايتري پڪي آهي، ايتري پڪي آهي جو بس الله پاڪ جي پناهه...!! اڪيلا ته اسان ماڻهو رهي ئي نٿا سگهون، سچي ڳالهه آهي، اڪيلو رهڻ تمام مشڪل هوندو آهي، 10 منٽ اڪيلائي ٿي وڃي ته بيزاري شروع ٿي ويندي آهي، فورًا ڪو دوست يار ڳولي ان سان فضُول ڳالهيون شروع ڪري ڏيندا آهيون، اڄ ڪلهه ته موبائل به هٿ ۾ آهن، انٽرنيٽ جو پيڪج لڳل آهي، ۽ ڪجهه نه ملي ته انهي تي شروع ٿي ويندا آهيون، فضول قسم جي چيٽنگ ٿيندي آهي يا پوءِ فضوليات ڏسڻ ۾ مگن ٿي ويندا آهيون. غرض؛ فضول ۾ بس ڳالهائڻ جي اهڙي عادت آهي جو شايد صرف سمهڻ وقت ئي خاموش ٿيندا هونداسين، ڪجھ ماڻهو ته ان وقت به خاموش ناهن رهندا، ان وقت به ڳالهائيندا ئي رهندا آهن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي.

ايمان پختو ڪرڻ جو طريقو

حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  فرمائن ٿا: سرور عالم، نورِ مجسم    صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: ٻانهي جو ايمان صحيح ناهي هوندو، جيستائين ان جي دل ٺيڪ نه ٿئي ۽ ٻانهي جي دل ٺيڪ ناهي ٿي سگهندي، جيستائين ان جي زبان درست نه ٿي وڃي. ([3])


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الصمت...الخ، جلد:7، صفحہ:34، حدیث:11۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:94۔

[3]...مسند امام احمد،مسند انس بن مالك،جلد:  5، صفحہ:432 ،حديث:12897۔