Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
گلی سے ان کی شیطاں دُم دبا کر بھاگ جاتا ہے ہے ایسا رُعب، ایسا دبدبہ فاروقِ اعظم کا([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جون نصيحتون
پيارا اسلامي ڀائرو! نصيحت ڪرڻ سنتِ انبياءِ آهي ۽ نصيحت وٺڻ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جي سنت آهي. مسلمانن جا ٻيان خليفا حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ پاڻ به وڏا نيڪ، صالح، متقي، پرهيزگار بلڪه پرهيزگارن جا سردار، ولين جي سردارن جا سردار آهن، پاڻ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏئي موقعي جي مناسبت سان نصيحت فرمائي سنتِ انبياءِ تي عمل به ڪندا هئا. اچو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ جي هڪ تمام پياري نصيحت ٻڌون ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون:
5 افضل شيون
هڪ ڀيري پاڻ رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ نصيحت ڪندي فرمايو: (1): رَاَيْتُ جَمِيْعَ الْاَخِلَّاءِ فَلَمْ اَرَ خَلِيْلًا اَفْضَلَ مِنْ حِفْظِ اللِّسَانِ يعني مون سڀ دوست ڏٺا پر زبان جي حفاظت کان وڌيڪ افضل ڪنهن کي نه ڏٺو. (2): رَاَيْتُ جَمِيْعَ اللِّبَاسِ فَلَمْ اَرَ لِبَاسًا اَفْضَلَ مِنَ الْوَرْعِ يعني مون سڀ لباس ڏٺا پر تقويٰ جي لباس کان وڌيڪ افضل ڪو نه ڏٺو. (3): رَاَيْتُ جَمِيْعَ الْمَالِ فَلَمْ اَرَ مَالًا اَفْضَلَ مِنَ الْقَنَاعَةِ يعني مون سڀ مال ڏٺا پر قناعت جي مال کان وڌيڪ افضل ڪنهن کي نه ڏٺو. (4): رَاَيْتُ جَمِيْعَ الْبِرِّ فَلَمْ اَرَ بِرًّا اَفْضَلَ مِنَ النَّصِيْحَةِ يعني مون سڀ نيڪيون ڏٺيون پر نصيحت کان وڌيڪ افضل ڪا نيڪي نه ڏٺي. (5): رَاَيْتُ جَمِيْعَ الْاَطْعِمَةِ فَلَمْ اَرَ طَعَامًا اَلَذَّ مِنَ الصَّبْرِ يعني مون سڀ کاڌا ڏٺا پر صبر کان وڌيڪ لذيذ کاڌو ڪو نه ڏٺو. ([2])