Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
هڪ حديث شريف ۾ آهي: جيڪو سلامتي چاهي ٿو اهو خاموشي اختيار ڪري وٺي[1]. مثال طور ٭ ڪنهن سان جهڳڙو ٿي ويو، خاموش ٿي وڃو! ٭ گهر ۾ ڪا اڻبڻت (نا اتفاقي) ٿي وئي، خاموش ٿي وڃو! ٭ دڪان وغيره تي ڪا خلافِ مزاج ڳالهه ٿي وئي، خاموش ٿي وڃو! ايئن جيڪا خاموشي آهي اسان کي سلامتي بخشيندي آهي، اوهان ڏٺو هوندو، گهڻا ڀيرا اخبارن ۾ به خبرون ڇپبيون آهن، معمولي ڳالهه هوندي آهي، بس ايئن ئي ڪجهه ٿي ويو، رستي تان گذرندي گاڏي جو ٽڪر لڳي ويو، ائين ناهي ٿيندو ته اهڙي ڳالهه ٿيندي ئي سامهون وارو بندوق ڪڍي ۽ گولي هڻي ڇڏي، نه...! پهريان پهريان غصو ايندو آهي، لفظي ڇڪتاڻ ٿيندي آهي (يعني ٻئي هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا آهن، طعنا ڏيندا آهن)، پوءِ ڳالهه وڌندي آهي ته گوليون هلنديون آهن ۽ ڪيئي قتل ٿي ويندا آهن، نتيجو ڇا هوندو آهي: مارڻ وارو جيل جي سلاخن ۾، مرڻ وارو قبر جي کڏ ۾، گهر ٻنهي جا برباد...!! ڪيڏي نه آسان ڳالهه هئي، غلطي ٿي وئي، سوري چئي ڇڏيو، سامهون واري کي غصو اچي ويو، خاموشي اختيار ڪري وٺو. سلامتي ملي ويندي. ايئن خاموشي جيڪا آهي هي سلامتي جي ضامن آهي.
وڏو پيارو واقعو آهي، امير اهلسنت مولانا محمد الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه پنهنجي رسالي ”خاموش شهزادو“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هڪ شهزادو (يعني بادشاهه جو پٽ) هو، اوچتو ان کي نه ڄاڻ ڇا سُجهيو جو هن خاموشي اختيار ڪري ورتي، بلڪل ئي خاموش ٿي ويو. بادشاهه ۽ ان جي وزيرن گهڻي ڪوشش ڪئي پر شهزادو چپ هو، چپ ئي رهيو. باقي سڀ ڪم معمول مطابق ٿي رهيا هئا بس شهزادو ڳالهائي ڪجهه نه رهيو هو. هڪ ڏينهن خاموش شهزادو پنهنجن ساٿين سان گڏ شڪار لاءِ نڪتو، جهنگل ۾ پهتو، ڪمان تي تير چاڙهي هڪ