Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
آهي، بس انهيءَ شيءِ جو نالو تقويٰ آهي. الله پاڪ اسان کي گناهن کان بچڻ ۽ تقويٰ اختيار ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .
(3) افضل مال قناعت آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ٽين نصيحت ڪندي فرمايو: مون مال جي تمام قسمن ۾ غور ۽ فڪر ڪيو ته هن نتيجي تي پهتس ته سڀ کان افضل مال قناعت آهي.
هي به وڏي ڪمال جي ڳالهه آهي، اڄ ڪلهه ماڻهو مال جي پويان مرندا آهن. شايد ئي ڪو خوش نصيب هوندو جنهن کي مالدار ٿيڻ جي تمنا نه هجي. ڇا اوهان کي معلوم آهي ته مالدار ٿيڻ جو طريقو ڇا آهي؟ مالدار ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات مشين وانگر ڪم ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي، مالدار ٿيڻ لاءِ قناعت جي ضرورت آهي ۽ اهو اسان جي هٿ ۾ آهي. جيڪو ڪجهه الله پاڪ عطا فرمايو آهي، ان تي ئي خوش ٿي وڃون، ان کي قناعت چوندا آهن.[1]
نبين جي سلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ ذيشان آهي: لَيْسَ الْغِنٰى عَنْ كَثْـرَةِ الْعَرَضِ، وَلَكِنَّ الْغِنٰى غِنَى النَّفْسِ يعني مالداري هي ناهي ته ساز و سامان جي ڪثرت هجي بلڪه اصل مالداري ته دل جو مالدار هجڻ آهي. ([2])
هڪ حديث شريف ۾ آهي: اَلْقَنَاعَةُ كَنْزٌ لَا يَفْنىٰ يعني قناعت اهو خزانو آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي. ([3])