Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
غم روز گار میں تو میرے اشک بہہ رہے ہیں تِرا غم اگر رُلاتا تو کچھ اور بات ہوتی
نہ فُضول کاش! ہنستا، تری یاد میں تڑپتا مجھے چَین ہی نہ آتا تو کچھ اور بات ہوتی
یِہی آہ! فکرِ دُنیا مِرا دِل جَلا رہی ہے غمِ ہجر گر ستاتا تو کچھ اور بات ہوتی([1])
(3-4) افضل نيڪي ۽ افضل کاڌو
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ وڌيڪ فرمايو: سڀ کان افضل نيڪي خيرخواهي آهي ۽ سڀ کان افضل کاڌو صبر آهي. هي به وڏي اهم نصيحت آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: خَيْرُ النَّاسِ مَنْ يَنْفَعُ النَّاسَ ماڻهن ۾ بهتر اهو آهي جيڪو ماڻهن کي فائدو وڌيڪ پهچائيندو آهي.[2] تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان ٻين کي فائدو پهچائڻ وارا بڻجي وڃون، هر هڪ لاءِ صرف ڀلائي ئي چاهيون. باقي رهيو صبر. ان جو ته ڇا ئي شان آهي. ماڻهو روزو رکي صبح کان شام تائين کائڻ پيئڻ کان صبر ڪري وٺي ته الله پاڪ فرمائي ٿو: اَلصَّوْمُ لِیْ، وَاَنَا اَجْزِي بِهِ روزو منهنجي لاءِ آهي ۽ ان جي جزا به مان ئي آهيان. [3]
جڏهن ڪجھ ڪلاڪن لاءِ کائڻ پيئڻ کان صبر جي هي جزا آهي ته سوچيو! وڏين وڏين مشڪلاتن تي صبر جو ڍُڪ پي وڃڻ جو ثواب ڪيترو هوندو. تنهنڪري صبر ته اهڙي نعمت آهي جو ان جو ڪو بدل ٿي ئي نٿو سگهي. بس الله پاڪ اسان کي هي نعمتون، هي پيارا پيارا وصف عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم .
5 نصيحتن جو خلاصو
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جون هي چند نصيحتون