Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
ٿوري رزق تي راضي رهڻ وارن جو مقام
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن قيامت جو ڏينهن هوندو ته الله پاڪ منهنجي امت جي هڪ گروھ کي پَرَ عطا فرمائيندو، جن جي ذريعي اهي پنهنجي قبرن مان اڏامي جنت ۾ هليا ويندا ۽ اتي جيئن چاهيندا لطف اندوز ٿيندا. ملائڪ انهن کان پڇندا: ڇا توهان حساب ڏئي چڪا آهيو؟ اهي چوندا: اسان حساب ناهي ڏنو. ملائڪ وري پڇندا: ڇا توهان پل صراط تان گذري چڪا آهيو؟ اهي جواب ڏيندا: اسان پل صراط ناهي ڏٺي. پوءِ ملائڪ پڇندا: ڇا توهان جهنم کي ڏٺو؟ اهي چوندا: اسان ڪنهن شيءِ کي ناهي ڏٺو. تڏهن ملائڪ انهن کي چوندا: توهان ڪنهن جي امت مان آهيو؟ اهي خوش بخت جنتي چوندا: اسان امام الانبياءِ، حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امتي آهيون. ملائڪ چوندا: اسان توهان کي الله پاڪ جو قسم ڏيون ٿا، ٻڌايو دنيا ۾ توهان جا ڪهڙا اعمال هئا؟ اهي جواب ڏيندا: اسان جون 2 عادتون هيون، جن جي ڪري اسان الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان هن مرتبي تي پهتاسين؛ (1): اسان اڪيلائيءَ ۾ به الله پاڪ جي نافرماني کان حياءُ ڪندا هئاسين ۽ (2): اسان الله پاڪ جي عطا ڪيل ٿوري رزق تي راضي رهندا هئاسين. ([1])
سُبْحٰنَ الله! معلوم ٿيو؛ قناعت فاني ناهي، دنيا جو مال فاني آهي. دنيا جي مال تي آخرت ۾ حساب آهي، قناعت جيڪو افضل مال آهي، ان تي حساب نه ٿيندو بلڪه انعام ملندا ته ڇو نه اسان افضل مال حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيون، دنيا جو فاني مال ڪمائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا آهيون، مشين وانگر ڪم ڪندا آهيون، مال نه ملڻ تي پريشان ٿيندا آهيون، دل ڏکائيندا آهيون، ڊپريشن جو شڪار ٿي ويندا آهيون، ڳوڙها به وهائيندا هونداسين، جيتري محنت اسان هن فاني مال لاءِ ڪري رهيا آهيون، ان کان گهٽ محنت هن افضل ترين مال يعني قناعت لاءِ ڪري وٺون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! حقيقي مالدار ٿي وينداسين.