Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاهِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

مُحَرم شريف ۾ روزو رکڻ سُنّت آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّی اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ  : اَفْضَلُ الصِّیَامِ بَعْدَ رَمَضَانَ شَہْرُ اللہِ الْمُحَرَّم   يعني رمضان المبارڪ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ فضيلت وارا روزا الله پاڪ جي مهيني، محرم الحرام جا آهن.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشورا يعني 10 محرم الحرام جو روزو سنتِ مصطفيٰ آهي. حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ  فرمائن ٿا: عاشورا يعني 10 محرم الحرام جو روزو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به رکيو ۽ ان جي رکڻ جو حڪم پڻ ارشاد فرمايو.[3]

روايتن موجب: ٭ محرم الحرام جي هر ڏينهن جو روزو، هڪ مهيني جي روزن جي برابر آهي.[4] ٭ خاص طور تي عاشوراءِ جي روزي جي حوالي سان اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ”مون کي الله پاڪ جي ذات تي يقين آهي ته عاشوراءِ جو روزو، گذريل هڪ سال جا گناهه ميٽائي ڇڏيندو آهي. ٭ البت، صرف ڏهين محرم الحرام جو روزو نه رکيو وڃي، پر ان سان گڏ 9 يا 11 محرم جو روزو به شامل ڪيو وڃي. آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  ارشاد فرمايو: ”عاشوراءِ جي ڏينهن جو روزو رکو ۽ ان ۾ يهودين جي مخالفت


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]  مسلم،کتاب الصیام،باب فضل صوم المحرم،صفحہ:424 ،حدیث:1163۔

[3] بخاری،کتاب الصوم، باب صیام یوم عاشوراء، صفحہ:524، حدیث: 2004ملتقطاً۔

[4] ترغیب و ترہیب، کتاب الصوم، الترغیب فی صیام...الخ، صفحہ:349، حدیث:4۔