Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain
(2) افضل لباس جي وضاحت
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ نصيحت ڪندي فرمايو ته مون هر طرح جا لباس ڏٺا، انهن ۾ سڀ کان افضل لباس پرهيزگاري آهي.
اسان لباس پائيندا آهيون نه. خوبصورت کان خوبصورت ترين لباس پائڻ جي ڪوشش هوندي آهي، اهڙو لباس هجي جو ڏسڻ وارا واھ واھ ڪن. اسان جي لباس تي هلڪو لَٽ پئجي وڃي ته دل ڦڪي ٿي ويندي آهي. غلطي سان جيڪڏهن چانهه وغيره ڪري پئي تڏهن ته بس اسان جو غصو ڏسڻ وارو هوندو آهي. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. هي ظاهري لباس آهي، ان لاءِ اسان ايترو اهتمام ڪندا آهيون، هڪ لباس ٻيو به آهي، اهو ڪهڙو آهي؟ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لِبَاسُ التَّقْوٰىۙ-ذٰلِكَ خَیْرٌؕ (پارہ:8، سورۂ اعراف:26)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پرهيزگاري جو لباس سڀ کان بهتر آهي.
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: جيئن ظاهري لباس جسم کي سردي گرمي وغيره کان بچائيندو آهي، تيئن ئي تقويٰ ماڻهو کي آخرت جي عذاب ۽ رسوائي کان بچائيندي آهي، ان لاءِ ان کي لباس فرمايو ويو.([1]) يعني اي آدم جي اولاد...!! صرف ظاهري لباس تي قناعت نه ڪيو! پنهنجي دل ۽ روح کي به لباس پارايو! تقويٰ توهان جي دل جو لباس آهي جيڪو ظاهري لباسن کان افضل آهي. [2]
مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ فرمائن ٿا: هن آيت ۾ لباسِ تقويٰ کي افضل لباس فرمايو ويو آهي. ان جا ڪجھ سبب آهن: (1): ظاهري لباس ڦاٽي ويندو آهي، تقويٰ جو لباس هميشه هميشه تائين ساڻ رهندو آهي. (2): ظاهري لباس هر مسلمان ۽ غير مسلم کي ملي ويندو آهي پر تقويٰ جو لباس خاص پيارن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. (3): ٽيون فرق هي آهي