Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

ويندا ٭ قافلن ۾ سفر ڪري رهيا آهيون، دوستن کي ڪڏهن دعوت ئي نه ڏني ٭ پاڻ تلاوت ڪندا آهيون، دوستن جو ذهن ڪڏهن ٺاهيو ئي ناهي. هاڻي ئي اسان ان جو هڪ جائزو به وٺي سگهون ٿا، سڀ پنهنجي دل تي غور ڪيو، اسان اَلحمدُلِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀرئي اجتماع ۾ حاضر آهيون، هي نيڪي جو ڪم آهي، نيڪ اجتماع آهي، ديني اجتماع آهي، اسان مسجد ۾ حاضر آهيون، غور فرمايو؛ اسان جا جيترا دوست آهن، ڇا اسان انهن کي به اڄ اجتماع ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي؟ گهڻن ئي دعوت نه ڏني هوندي. آخر ڇو؟ اسان دوستن کي نيڪي جي دعوت ڇو نٿا ڏيون؟ جڏهن ته دوست کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، دوستي جي حقن مان آهي.

جتي هجان، مبارڪ هجان

الله پاڪ جا نبي آهن: حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام قرآنِ ڪريم سندن هڪ جملو ذڪر فرمايو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

وَّ جَعَلَنِیۡ مُبٰرَکًا اَیۡنَ مَا کُنۡتُ ۪       (پارہ:16، سورۂ مریم:31)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان مون کي برڪت وارو بڻايو آهي ڀلي مان ڪٿي به هجان.

يعني حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي متعلق فرمائي رهيا آهن ته مان جتي به رهان، الله پاڪ مون کي برڪت وارو ئي بڻايو آهي.

هڪ ڀيري ڪجهه عالمَ سڳورا هڪ جاءِ تي گڏ ٿيا، علمي گفتگو شروع ٿي وئي، سوال هي هو ته حضرت عيسيٰ عليه السَّلام پاڻ کي جيڪو مبارڪ فرمايو آهي، ان جاءِ تي برڪت مان مراد ڇا آهي؟ سڀني عالمن سڳورن پنهنجي پنهنجي علم جو اظهار ڪيو، ڊگهي گفتگو ٿي، دليلن جي ڏي وٺ ٿي، آخر ۾ ان علمي مجلس جو نتيجو هي نڪتو، سڀني عالمن سڳورن متفقه طور تي هي فيصلو ڪيو ته ان جاءِ تي برڪت مان مراد نيڪي جي دعوت آهي. يعني حضرت عيسيٰ عليه السَّلام هي فرمائي رهيا آهن ته الله پاڪ مون کي اهڙو بڻايو آهي جو مان جتي به رهان نيڪي جي دعوت عام ڪندو رهان ٿو.[1]


 

 



[1] تفسیر طبری، پارہ:16، سورۂ مریم، زیرِ آیت:31، جلد:8، صفحہ:338 مفصلاً۔