Book Name:Farooq-e-Azam Ki Nasihatain

شخص جون برائيون ڪري رهيا هوندا آهن، اهڙا غيبتن ڀريا جملا جڏهن ان شخص تائين پهچندا آهن ته ان جي دل ٽٽي پوندي آهي، ضد وڌندو آهي ۽ اهو گناھ ڇڏڻ جي بجاءِ، وڌيڪ گناهن تي دلير ٿي ويندو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو شخص شيطان جي ڀَڙڪائڻ ۾ اچي گناهن ۾ پئجي ئي ويو آهي ته هاڻي ان جون غيبتون ڪري، ان کي طعنا ڏئي، دل آزاري ڪندڙ ڳالهيون ٻڌائي شيطان جا مددگار نه بڻجو، بلڪه ان کي نيڪي جي دعوت ڏيو، پيار محبت سان، حڪمت عملي سان ان کي سمجهايو، نيڪي جي رستي تي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ الله پاڪ توفيق بخشي ته ان جي حق ۾ دعائون به ڪندا ڪيو.

محبتون وڌايو تحريڪ

اَلْحَمۡدُلله!  دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: محبتون وڌايو! هن شعبي جو ڪم ئي اهو آهي ته ٭ اهي اسلامي ڀائر جيڪي پهريان نيڪيون ڪندا هئا   ٭ هفتيوار اجتماعن ۾ حاضر ٿيندا هئا ٭ عمامو ٻَڌندا هئا ٭ فجر لاءِ جاڳائيندا هئا ٭ نيڪين تي عمل ڪندا هئا ٭ قافلن جا مسافر بڻبا هئا، هاڻي ديني ماحول کان پري ٿي ويا، هن شعبي وارا اسلامي ڀائر انهن وٽ پهچندا آهن، پيار محبت سان نيڪي جي دعوت پيش ڪندا آهن، سمجهائيندا آهن ۽ ٻيهر نيڪين جي رستي تي لڳائي ڇڏيندا آهن.

دوستن کي به نيڪي جي دعوت ڏيو!

 ڪاش! اسان به هي طريقو اپنايون، پنهنجن دوستن کي نيڪين جي رستي تي لڳايون. افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هي ماحول ناهي. دوستن کي سمجهائڻ جي عادت تمام گهٽ ماڻهن جي هوندي آهي. عام طور تي هر شخص جي ڪجهه نه ڪجهه، گهٽ يا وڌيڪ فرينڊ فالوونگ (Friend following) ته هوندي ئي آهي، ڪجهه نه ڪجهه دوست ته هوندا ئي آهن. انهن کي نيڪي جي دعوت تمام گهٽ ڏني ويندي آهي ٭ دوستن سان گڏ ويٺا هئاسين، اذان ٿي وئي، چپ چاپ اٿي نماز ڏانهن هلي پوندا آهيون، دوستن کي پاڻ سان گڏ ناهيون وٺي